ڪراچي ڀتا خورن حوالي، آباد جي اڳواڻن پاران فيلڊ مارشل کي خط لکڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊويلپرز (آباد) جي چيئرمين حسن بخشي ۽ پيٽرن انچيف محسن شيخاني سميت آباد جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي ڀتا خوري بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن، حسن بخشي موجب شهر ۾ امن و امان جي صورتحال خراب آهي ۽ ڀتا خوري عروج تي آهي، آباد جي 10 ميمبرز کي دبئي ۽ ايران مان ڀتي جون ڪالون مليون، جن ۾ 5 ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو ويو، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ انهن جي اسٽاف تي فائرنگ ڪئي وئي. احمد علي مگسي، جميل ڇانگا، صمد ڪٺياواڙي ۽ عزيز لاکُو ڀتا خوري ۾ ملوث آهن، 15 کان 20 آباد جا ميمبرز انهن کي ماهوار ڀتو ڏئي رهيا آهن، حسن بخشي سوال ڪيو ته امن لاءِ پوليس ۽ رينجرز اهڙن عنصرن خلاف ريڊ وارنٽ ڇو جاري نٿا ڪن، وفاقي گهرو وزارت ڇو خاموش آهي، ڀتا خور بينڪ اڪائونٽن ذريعي رقم منتقل ڪرائي رهيا آهن ۽ انهن جا موبائل نمبر ۽ بينڪ اڪائونٽ ٽريس ايبل آهن، چيئرمين آباد چيو ته ڪراچي ۾ لڳايل ڪئمرائن مان ڪيترا ڀتا خور گرفتار ٿيا؟ وصي لاکُو خلاف 60 ڪيس داخل آهن پر ريڊ وارنٽ جاري ناهن، شهر جا واپاري ۽ بلڊرز لينڊ گريبرز ۽ ڀتا خورن سان اڃا تائين ذاتي طور مقابلو ڪري رهيا آهن، هن اپيل ڪئي ته آئي جي سنڌ، ڪور ڪمانڊر، محسن نقوي ۽ فيلڊ مارشل ڪراچي جي واپارين ۽ بلڊرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻن، حسن بخشي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ وڪيل کي اغوا ڪيو ويو، پر ڪنهن جي ڪا پرواهه ناهي، آباد جو خيال آهي ته صورتحال آباد تائين محدود ناهي پر ڪراچي چيمبر ۽ فيڊريشن به ناراض آهي، حسن بخشي چيو ته ٽيڪس وصولي جو حجم 65 سيڪڙو کان گهٽجي 54 سيڪڙو تي آيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي نه ٿو هلي سگهي، بلاول ڀٽو ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي ڀتا خوري خلاف درخواستون موڪليون ويون آهن ۽ جڏهن تائين تسلسل سان مسئلا حل نه ٿين، حالتون بهتر نه ٿي سگهن. شهر ۾ ليگل ڪاروبار بند ٿي رهيو آهي ۽ ڪچي آبادين جي وڌندڙ انگ سبب جرائم وڌي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.