رپورٽن موجب سنڌ اسيمبلي جي 16 ڊسمبر واري اجلاس ۾ ڪجهه ٺهراءَ پيش ڪيا ويا جن مان ڪجهه منظور ته ڪجهه رد ڪيا ويا. انهن مان هڪ ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي ميمبر طرفان مڪاني ادارن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ بابت هو جيڪو هن حڪومتي خاطرين کان پوءِ واپس وٺي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحه احمد مڪاني ادارن کي مالي خودمختياري ڏئي جمهوري استحڪام کي يقيني بڻائڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته آرٽيڪل 140 اي خود پ پ متعارف ڪرايو آهي آئين جو آرٽيڪل 140 اي وضاحت ڪري ٿو ته صوبائي حڪومت پاڻ اهو فيصلو ڪندي ته مڪاني ادارن کي ڪيترا اختيار ڏيڻا آهن. سنڌ ۾ اسان واٽر بورڊ ۽ واسا کي ميئرز جي حوالي ڪيو آهي. هن تجويز پيش ڪئي ته سڀئي ميمبر گڏجي ويهي فيصلو ڪن ته مڪاني ادارن کي ڪيترو اختيار ڏيڻو آهي، قانون سازي ڪرڻ اسميبلي جو ڪم آهي. پارلياماني معاملن جي وزير ضياءَ لنجار پڻ انهيءَ تجويز جي حمايت ڪندي چيو ته انهيءَ معاملي کي گڏيل صلاح مشوري سان حل ڪيو وڃي، اسان اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جيڪو صوبي جي مفاد ۾ هوندو. ضياءَ الحسن لنجار يقين ڏياريو ته انهيءَ معاملي تي ڪاميٽي ٺاهي ويندي جنهن کان پوءِ طحه احمد پنهنجو ٺهراءُ واپس وٺي ڇڏيو. ايئن ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن بابت پڻ هڪ ٺهراءَ پيش ڪيو ويو ته ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن جي تعمير لاءِ پيسا مليا آهن پر اها مليل رقم خرچ نه پئي ڪئي وڃي.
اسان سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن جي مالي خود مختياري ۽ ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل رودن جي مرمت جي حوالي سان پيش ٿيل ٺهرائن جي آجيان ڪريون ٿا. اهي آهن اصل ۾ عوامي مسئلا جن کي اقتداري ايوانن ۾ اٿارڻ ۽ انهن بابت ڪا اڳڀرائي ڪرائڻ لاءِ عوام پنهنجن پنهنجن علائقن جي نمائندن کي چونڊي اسيمبلين ۾ پهچائيندو آهي. اسان هتي انهن مٿي ڄاڻايل ٻن ٺهرائن تي ويچارينداسين جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن طرفان پيش ڪيا ويا. اسان جو به هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته مڪاني ادارن ۽ ضلعي نظام کي بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن ضلعي ۽ يوسيز سطح تي عوامي ۽ هيٺيان مسئلا حل ٿي سگهن، اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي مالي خودمختياري ۽ ان جا اختيار وڌائڻ واري ٺهراءُ کي مثبت نموني ورتو آهي ۽ ان بابت ڪاميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن تحت اسيمبلي ميمبر صلاح مصلحت ڪندا ته مڪاني ادارن کي ڪهڙا اختيار ۽ وسيلا ڏنا وڃن. اسان ان ڪاميٽي واري تجويز کي ان معاملي ڏانهن انتهائي هاڪاري اڳڀرائي تصور ڪيون ٿا. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي اصل ۾ اهڙو ئي مثبت ڪردار سنڌ اسيمبلي ۾ ادا ڪرڻ گهرجي، عوام کي انهن اسيمبلي ميمبرن مان اها ئي توقع هوندي آهي ته اتي نج عوامي مسئلن کي اٿاريو ويندو، ڳالهايو ويندو ۽ ان روشني ۾ ڪا قانون سازي ٿيندي ۽ ڪي عملي قدم کنيا ويندا.
هاڻي جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن جي مالي خود مختياري بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو معاملو آهي ته اسان ان کي بيحد اهم ۽ وقتائتو آواز سمجهون ٿا. اها بلڪل حقيقت آهي ته مڪاني ادارن، ضلعي نظام يا يوسيز سان مالي مسئلو هوندو آهي. جڏهن ته کانئن ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت پڇيو ويندو آهي ته اهي دانهون ڪندا آهن ته اسان کي انتهائي گهٽ فنڊ ملن ٿا جن مان صرف پگهارون ئي مشڪل سان ڏئي سگهندا آهيون، ترقياتي منصوبن لاءِ پيسا بچندا ئي ناهن ۽ مٿين سطح تي وري ڏسجي ته ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ جي حڪومت ترقياتي منصوبن لاءِ مليل فنڊ ئي خرچ نه ڪري سگهندي هئي ۽ اهي پيسا ليپس ٿي ويندا هيا يعني وفاق ڏي واپس هليا ويندا هئا. پوءِ ان معاملي ۾ جڏهن حڪومت بدنام ٿيڻ لڳي ۽ وفاقي حڪومت پاران کين مهڻا ملڻ لڳا ته پوءِ اهڙو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن اهو تاثر نه جڙي ته حڪومتي وزير مليل ترقياتي فنڊ خرچ نه ڪري سگهيا پوءِ مالياتي سال جي آخر ۾ ڪيئن به ڪري فنڊن جو استعمال ڪري ڏيکاريو ويندو هو. پر جيڪڏهن اهي مالي ساليانا فنڊ هيٺين سطح تي مڪاني ادارن ۽ يوسيز ۾ منتقل ٿين ها ته ترقياتي ڪم به ٿي سگهن ها ۽ عوامي مسئلا به حل ٿي سگهن ها.
سو ايم ڪيو ايم جي ميمبر جي اها تجويز سٺي آهي ته مڪاني ادارن کي مالي خودمختياري ڏني وڃي جنهن سان انهن جون مالي گهرجون پوريون ٿي سگهنديون ۽ هيٺيان عوامي مسئلا جهڙوڪ گهٽين کي پڪو ڪرڻ، اسٽريٽ لائيٽ، سيوريج جو نظام، رستن کي ويڪرو ڪرڻ، ڀڳل ٽٽل پلن ۽ روڊن جي مرمت، گٽرن کي ڍڪ ڏيڻ ۽ گندگي وارا معاملا حل ٿي ويندا. اهو سٺو ٿيو جو سنڌ حڪومت جي وزيرن انهن ٺهرائن جي روشني ۾ هڪٻئي سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪا ڪميٽي ٺهي ٿي ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. ايئن ئي ڪراچي جي روڊن جي مرمت بابت پڻ جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو ان بابت به اها شڪايت درست هئي ته ڪجهه مهينا اڳ وڏي وزير چيو هو ته برسات وگهي متاثر ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن ۽ جلد انهن مان روڊن جي مرمت ڪئي ويندي پر اڃان تائين ان حوالي ۾ ڪو خاص ڪم ٿيندي نظر ناهي آيو. ان معاملي ۾ ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا.
ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن بابت اسان ڪالهه به ايڊيٽوريل لکيو هو ته ڀٽائي آباد کان پهلوان ڳوٺ تائين سڄو روڊ تباه ٿي چڪو آهي ايئن ملير ڪينٽ واري روڊ تي ايئرپورٽ جي سگنل کان ملير هالٽ تائين اڌ کان وڌيڪ روڊ ڀڳو ٽٽو پيو آهي. پر ڪافي مهينن کان انهن جي مرمت جا ڪي آثار ئي نظر نٿا اچن. اهڙي صورتحال ڪراچي جي سڀني علائقن جي روڊن جي آهي پر حيرت آهي ته حڪومت جو اوڏانهن ڪو ڌيان ئي ناهي ۽ هاڻي جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن بيانن کان پوءِ معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو آهي ته اميد ڪجي ٿي ته هاڻي ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت ٿيندي جيڪو ڪراچي ۽ ان ۾ رهندڙ شهرين جو حق آهي ڇو جو ڪراچي ملڪ جو اهو شهر آهي جيڪو ان کي گهڻو ڪجهه ڪمائي ڏيندو آهي تنهن ڪري ان جي ڪمائي مان خود ڪراچي کي فائدو لازمي طور ملڻ گهرجي. نه ته پوءِ وري نون صوبن جا غير ضروري مطالبا ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙن غير ضروري مطالبن جو آواز بند ڪرڻ لاءِ به ضروري آهي ته هيٺين سطح جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.