ڇا ملڪي حالتون بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ وڃي رهيون آهن؟

تحرير: سڪندر چنو

اسان وٽ پاور واري ڪرسيءَ جي وڏي اهميت هجي ٿي. پر ان کان وڌيڪ ڪجهه ناهي سوچيو ته اقتدار ۽ مقبوليت کان وڌيڪ ملڪ جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافي به آهي. ملڪ جي معيشت آخري پساهن جون هڏڪيون ڀري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف نه رڳو پاڪستان بلڪه دنيا جي اڪثر طاقتور اڳواڻن سامهون پنهنجي پوزيشن وڃائي چڪو آهي. تازو اشڪ آباد ۾ رٿيل دنيا جي اڳواڻن جي ڪانفرنس دوران وزيراعظم شهباز شريف سان روسي صدر ولاد مير پيوٽن ڪهڙي تذليل ڪئي. وزيراعظم اڪيلي سر پنهنجي ڪابينا سميت ڪرسيءَ تي ويهندي روسي صدر ولاد مير سان ملاقات جو انتظار ڪندو رهيو ۽ روسي صدر 45 منٽ دير آيو. آخرڪار ان جو دنيا اندر ڪهڙو پيغام ويو؟ان کان بهتر ٿيندو ته اقتدار باقي وقت لاءِ پيپلز پارٽي کي ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري کي وزارت عظميٰ واري ڪرسي تي ويهاريو وڃي. پاڪستان لاءِ بلاول ڀٽو زرداري بطور پرڏيهي وزير رهندي سفارتي محاذ تي پاڪستان جو بهترين ميسيج دنيا آڏو پهچايو آهي.

 هن وقت پاڪستان جي معيشت جي ٻيڙي درياءَ جي وچ پاڻي ۾ ڦاٿل آهي ڪجهه وقت ۾ معاشي طور ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جي معيشت آر يا پار، ڀلي ورلڊ بئنڪ توڙي آءِ ايم ايف ڏانهن ڊالرز مليا به آهن. پر انهن مان اسان کي قرضن جي قسط به ڏيئڻي آهي. پاڪستان آزمائش مان گذري رهيو آهي. پر آخرڪار پاڪستان کي ڪيترو آزمائشن مان گذاريو ويندو؟ بلاول ڀٽو زرداري وزارت عظميٰ جي ڪرسي جي اهل به آهي ۽ ان لاءِ هو تربيت به وٺي چڪو آهي. ۽ رياضت به ڪري چڪو آهي. هو پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته 2024 جي اليڪشن کان اڳ صدر پاڪستان آصف علي زرداري بيان ڏنو هيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو ويو ته هو دنيا جي ٻاهرين ملڪن کان سيڙپ آڻي انهن کان 100 ارب ڊالرن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرائيندو.

 هڪ مسلمان هوندي هڪ خدا پاڪ آڏو جوابده رهڻ گهرجي. اجايو انا ۽ ارڏائپ کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي شهباز شريف کان ملڪ نه هلي سگهندو، هلندڙ دور ۾ توهان اڪثريت ۾ ضرور آهيو پر سماج جا اڪيلا نمائندا ناهيو ٻيا به کوڙ سارا نمائندا آهن. نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي ته ڪاوڙ ۾ اچي جيڪي فيصلا ڪيا ويندا آهن اهي هميشه نقصان ڪار ثابت ٿين ٿا. آمريڪا ۾ 6 سيڪنڊن جي نالي سان هڪ ادارو آهي جيڪو جذباتي ذهنن جي باري ۾ آهي. ان جو بنيادي پيغام اهيو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ڪاوڙ اچي وڃي ته 6 ڇهن سيڪنڊن تائين ڪوبه فيصلو نه ڪريو ۽ بلڪل خاموش رهو. ان لاءِ وزيراعظم هروڀرو ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي پاڻ کي اقتدار سان چنبڙيل رکڻ درست ناهي. اقتدار جون واڳون نوجوان ليڊر بلاول ڀٽو زرداري حوالي ڪيون وڃن. وزيراعظم ٻين کي ته زيرو ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو پر پاڻ به ته زيرو ٿي ويو آهي اقتدار بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي ڪري ڏيکاري. ڏسڻو آهي ته ان قومي معرڪي جو فاتح شهباز شريف ڪڏهن ٿو ٿئي. بهرحال پاڪستاني سياست ويڙهه جو شڪار ٿي ويئي آهي. سياست بابت دنيا جا مختلف ليکڪن ۽ مفڪرن جا رايا آهن. پوليٽيڪل سائنس ۾ دنيا جو وڏو نالو فرانسس فوڪيو ماني هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو بنيادي خيال اهو هئو ته لبرل جمهوريت جو اڪانامي مارڪيٽ سموري انساني تاريخ جو نچوڙ آهي ۽ هاڻي انساني تاريخ ۾ ان کان بهتر آئيڊياز جي صورت نظر نٿي اچي. جڏهن ته آئيڊيولاجي جي اعتبار سان تاريخ جو خاتمو ٿي چڪو آهي. مشهور جمهوريت جو اسڪالر فريد ذڪريا چوي ٿو ته جتي جمهوريت لبرل نه هوندي جتي جمهوري آزادي نه هوندي اتي آزادين جو دائرو به سوڙهو ٿيندو ويندو آهي. شهيد جمهوريت راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي لافاني ڪتاب، مفاهمت ۾ جمهوريت جي بقا ۽ معاشرتي ترقي لاءِ اندروني ويڙهه ۽ اداراجاتي ڪشمڪش کي ختم ڪري مصالحتي طريقيڪار بابت تجويزون پيش ڪيون آهن. شهيد راڻي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ مقتدرن ۽ جنرل پرويز مشرف سان باقائده طور معاهدو به ڪيو. جيڪو شايد ان وقت ٽٽي پيو جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي دبئي کان لينڊ ڪيو ۽ ڪارساز واقعو پيش آيو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ملڪ جي سياسي قوتن ۽ فوج ٻنهي حلقن ۾  مفاهمت ۽ مصالحت جي ان فارمولي کي دل سان قبول نه ڪيو ويو.

 اڄ پاڪستان ۾ صورتحال اهيا آهي جو تضادستان ۾ ملڪي سياست دم ٽوڙي رهي آهي. جيڪڏهن فوڪيوماني تضادستاني هجي ها ته لفظ لکي ها ته “سياست جو خاتمو” ۽ سندس اهيو خيال هجي ته هٽلر نه هجي ها ته چرچل جي اهميت ڪهڙي هجي ها. اهڙي طرح سياست به هيرو ۽ ولن سان هلي ٿي. جيڪڏهن ولن نه هجي ته هيرو جو ڪردار پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندو آهي ۽ تضادستان واري سياست ۾ اسين سڀ برابر جا شريڪ به آهيون. پاڪستان ۾ سياستدانن، فوج، ميڊيا، عوام گڏجي سياست جي سنهڙي تاج محل تي يا ته لاڳيتو گولاباري ڪئي آهي يا وري اندر ئي اندر ان محل کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن جا سهولتڪار رهيا آهيون. سياست جي آزادي جمهوريت سان مشروط هوندي آهي پر سياستدانن لبرل جمهوريت کي اصولن کان انڪاري آهن. پنهنجي لاءِ هڪڙا اصول رکيا ۽ پنهنجن مخالفن لاءِ الڳ اصول رکيا. ته پوءِ اهڙي جمهوريت ۽ سياست کي زوال اچڻو ئي هوندو آهي. پاڪستان جي مخلوق آمريت کان نفرت ۽ جمهوريت سان چاهي لولي لنگڙي ڇو نه هجي، پيار ڪندڙ آهي. پر پاڪستان جي بدقسمتي اهيا آهي جو جمهوريت کي طاقتور مقتدر هلڻ ئي ڪونه ٿا ڏين. نه عدالتون آزاد آهن. نه وري سياستدان ۽ پارليامينٽ جيڪو ملڪ جو سپريم ادارو آهي. آزاد آهي ته پوءِ جڏهن ته فيصلا آزاد نه ٿين ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهندو؟

 هاڻي پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان ڪا چڱي خبر به ناهي هاڻي ڏسڻو آهي ته فيلڊ مارشل ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ملڪي معيشت کي ڌٻڻ مان ڪيئن ٿو ٻاهر ڪڍي؟ وزيراعظم خود فيلڊ مارشل ڏانهن نهاري رهيو آهي. فيلڊ مارشل ملڪ ۾ چيني طرز جيان حڪمراني ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي قوتن کان مدد وٺي رهيو آهي. ڪراچي وارو دورو سندس جو وڏو اهميت وارو ٻڌايو پيو وڃي. ڪي پي ڪي ۾ ڇا پيو ٿئي؟ بلوچستان ۾ باهه ٻري رهي آهي. انهن سڀني مشڪلاتن کي حل ڪرڻ آسان آهي پر اهڙي سوچ پيدا ڪري سنجيدگي سان مسئلا حل ڪيا وڃن. پر انهن سڀني سوالن جو جواب ڪير ڏيندو ته ملڪ آخرڪار ڪيئن ترقي ڪندو؟

تازو دنيا جو وڏو اسلامي ملڪ انڊونيشيا جو صدر پاڪستان آيو. ملاقاتن دوران وزيراعظم شهباز شريف جي منهن تي مرڪ ڇو نه هئي؟ انڊونيشيا جي صدر پاڪستاني قيادت تي زور ڀريو ته ملڪ ۾ پهريان سياسي استحڪام ضروري آهي جنهن کان پوءِ ملڪ معاشي طور ترقي ڪري سگهي ٿو. هاڻي پنجاب ۾ پي پي لاءِ Space نظر اچي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي سياست تي في الحال فاتح خواني پڙهي پئي وڃي. ملڪ جو عوام ملڪي حالتن مان مايوس آهي. مشهور نوبل پرائيز آئرش شاعر ڊبليو بي ييٽس کان پڇيو ويو ته آخرڪار سياست جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ ان جواب ڏيندي چيو ته سياست جو تعلق ساهه کڻڻ ۽ زنده رهڻ سان آهي. جيڪڏهن زنده رهڻو آهي ته سياست ڪرڻ تمام ضروري آهي. سوال ڪندڙ Yeats ڏانهن وڏي حيراني وچان ڏسڻ لڳو ۽ چيو ته سياست ۽ ساهه کڻڻ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ Yeast کلندي وراڻيو ته ننڍڙو کير پياڪ ٻارڙي کي ساهه کڻڻ جي ضرورت هجي ٿي. جيڪڏهن ساهه کڻڻ لاءِ ان کي آڪسيجن نه ملندي ته هو مري ويندو. ان جي لاءِ ضروري آهي ته آڪسيجن واري ساهه کي برقرار رکڻ ۽ ان کي آڪسيجن ڏيڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان محفوظ هوا گهرجي. ان لاءِ صاف شفاف ماحول به ضروري آهي. ۽ صاف ماحول لاءِ سازگار حڪومتي پاليسي به گهرجي. سازگار حڪومتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياست تمام ضروري آهي. ان جو مقصد ٿيو ته توهان کي زنده رهڻ ۽ ساهه کڻڻ لاءِ به سياست جو هجڻ لازمي آهي. 20 صدين جو طاقتور ۽ بااثر ترين مفڪر زان پال سارتر جنهن وجوديت وارو فلسفو ڏنو. ان جي باري ۾ پاڪستان جي حوالي سان هڪ واقعو مشهور آهي هڪ سرڪاري مفڪر ان سان ملڻ پيرس ويو ته سارتر پاڪستاني سياست بابت حال احوال ورتو ۽ چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڇا هلي رهيو آهي؟ پاڪستان جي سرڪاري ليکاري ڪنڌ کي لوڏيندي چيو آءٌ ته ادب جو ليکاري آهيان. منهنجو سياست سان ڪوبه تعلق ناهي. سارتر ان اڻ ڄاڻ ليکاري سان وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جنهن ليکڪ کي پنهنجي ملڪي سياست جي خبر ناهي ان سان وڌيڪ ڳالهائڻ فضول آهي.

 سياست سڀني مسئلن جي حل جي ماءُ آهي. ملڪي سياست ۾ ڪجهه نواڻ اچي رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ختم ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف ڏانهن پنهنجو رويوو نرم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي جنهن سان ن ليگ کي وڏي ڳڻتي وراڻيو آهي. مقتدرن کي عمران خان ۽ ان جي پارٽي بابت ڪجهه غلط ڪن ڀريا جنهن سان مقتدرن سوچيو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي پاڪستان جي پاڪ فوج کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي پر ائين ناهي. انهن جي ڪنن ڀرڻ سان ن ليگ وڏو فائدو ورتو آهي. هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار پاڪستان ۾ سياسي ويڙهه ڪيستائين هلندي ان جو ڪو وقت آهي؟ بلڪل نه پر ان ۾ اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪنديون ته ملڪي سياست بهتر دڳ تي هلي سگهي ٿي. پر ان لاءِ ن ليگ نه ٿي چاهي ته تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ويجهڙائپ ٿئي. هاڻي مقتدر حلقا يا اڪيلي ن ليگ کي ڏسن يا پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي ڏسن فيصلو انهن ڪي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن سياست جي ڳاڙهي ٻوڙ مان مرچ ڪڍيا وڃن ته پوءِ باقي لوڻ جي لذت ڪهڙي رهندي. جيڪڏهن سياست ۾ مخالف ڌر نه آهي ته پوءِ حڪومت به کوکلي ئي لڳندي آهي ان لاءِ سياست کي زنده رکڻ لاءِ ذمه داري هاڻي ن ليگ جي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هاڻي به نه سوچيو ته پوءِ پاڪستان جي سياست هميشه لاءِ دم ٽوڙي ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.