لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڍاڪا سانحي جا ٽي مکيه ڪردار جنرل يحييٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شيخ مجيب آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي اوڀر پاڪستان جي سانحي تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي هن چيو ته سچ اهو آهي ته پاڪستان لکين ماڻهن جي اميدن ۽ ان جي قيادت جي واعدن تي ٺهيل هو، ۽ انگريزن جو ٺاهيل نظام هلندو رهيو، جنهن ناانصافين کي فروغ ڏنو ۽ دشمن فائدو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيستائين هن نظام کي تبديل ڪري عدل ۽ انصاف واري اسلامي نظام سان تبديل نه ڪيو ويندو، تيستائين اھڙن سانحن کي روڪڻ ناممڪن آهي. هڪ اهڙي نظام کان نجات حاصل ڪرڻ جيڪو ظلم ۽ جبر جي چنگل ۾ هجي، زوال ڍاڪا جي الميي جو سڀ کان وڏو سبق آهي.