لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڊپٽي چيف ظهير الحق حسن شاهه کي ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف ماڻهن کي تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت موجب، ظهير الحق حسن شاهه لاهور پريس ڪلب جي ٻاهران ميڙاڪي ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون، جنهن ۾ ان وقت جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جا عنصر شامل هئا. ٽي ايل پي جو سربراهه سعد رضوي به موجود هو. قلعه گجر سنگھ پوليس پاران 2024 ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 جي مختلف شقن تحت درج ڪئي وئي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ، جج ارشد جاويد ملزم کي سزا ٻڌائي ۽ ان کي سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.