عوامي ڪاوڙ جائز آهي،کليل ڪچهرين ۾ ايندڙ وزير حقيقتن کان اڻ واقف آهن\پ پ ايم اين اي جي پٽ سوال اٿاري ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : عرفان علي کوسو) پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي جي پٽ حيدر علي بجاراڻي پاران سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه جي حڪمن تي ٿيل کليل ڪچهرين تي سوال اٿاري ڇڏيا.پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي جي پٽ حيد علي  بجاراڻيسوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪمن تي ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي مختلف هنڌن تي کلي ڪچهريون ٿي رهيون آهن ۽ انهن کليل ڪچهرين ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي ايندڙ صوبائي وزير مقامي زميني حقيقتن کان اڻواقف آهن کليل ڪچهرين ۾ لک پڙهه جو ڪوبه عمل نه پيا ڪن اهي ڪهڙي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏيندا،کليل ڪچهري جو مقصد ئي پورو نه پيو ٿئي،عوام رڳو اتي تماشو ڏسڻ نٿو اچي ان کي نتيجا کپن ٿا،عوام جي ناراضگي هڪ حد تائين جائز به آهي،هن چيو ته هي جيڪڏهن نمائشي آهي ته پوءِ غلط سسٽم آهي،فالو اپ ميڪنزم نه هوندو ۽ جيڪي مسئلا کليل ڪچهري ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا، انهن مٿان ڪم ڪار نه ٿئي ۽ ڊليوري نه ٿئي ته عوام وڌيڪ ڪاوڙ ڪندو،هن چيو ته عوام جو ڀروسو حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ڪچهري ۾ لک پڙهه ڪرائي ان تي فوري عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي رپورٽ ٺاهي اها منظرعام تي آڻين،ان سان ڪاموراشاهي جي قابليت جي به خبر پئجي ويندي، اسان لاءِ ڊاڪيومينٽيشن انتهائي ضروري آهي،کليل ڪچهرين ۾ اسٽيڪ هولڊر زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪن، اڄ جي دور ۾ سنڌ جي عوام کي نعرن جي ضرورت ناهي،سياسي نعرن کان وڌيڪ ڊليوري جي ضرورت آهي،جمهوريت رڳو اليڪشن تائين محدود ناهي،کليل ڪچهرين جهڙيون جمهوري روايتون ڊاڪيومينٽيشن ۽ فالوو اپ سان ڪامياب ٿينديون،احتساب ٿيڻ گهرجي، رائيٽ ٽو انفارميشن اسان جو آئيني حق آهي،سياستدان رياست ۽ عوام وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو آهي، قيادت جو مطلب جوابدهي آهي،غلطي تسليم ڪرڻ،فيڊ بيڪ وٺڻ،ڊليور ڪرڻ عوام ۾ ڀروسو پيدا ڪندي آهي، هن چيو ته هڪ ماڻهو اهو چوي ته مان پارٽي جيڪو ڪري ان جو دفاع ڪندس ۽ ٻيو ماڻهو اهو چوي ته مان پارٽي ۾ رهي پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪندس پارٽي ۽ عوام لاءِ  ٻيو ماڻهو بهتر ثابت ٿيندو، جنهن ڏينهن سياستدانن پنهنجي سوچ کي هن نظرئي سان تبديل ڪندا ان ڏينهن کان توهان سياست ۽ ملڪ ۾ بهتري ڏسندا،هن چيو ته جيئن منهنجي گهر ۾ ڪهڙا مسئلا مسائل آهن اهو ڪو ٻاهريون ماڻهو ته اچي نٿو ٻڌائي سگهي،منهنجي گهر ۾ ڪهڙي ضرورت آهي،ڪهڙي بهتري گهرجي،ٻاهريون ماڻهو اچي توهان جي گهر جي اصلاح نه ڪندو،هن چيو ته جيڪي مقامي اسٽيڪ هولڊر آهن انهن کي ئي مسئلن جي بهتر ڄاڻ آهي،ڪٿي بهتري جي ضرورت آهي اها انهن کي ئي پروڙ هوندي آهي،هن چيو ته پ پ هڪ جمهوري پارٽي آهي پر ان جي عوامي نمائندن کي مقامي زميني حقيقتن جي خبر نه هئي، کلي ڪچهرين ۾ عوام پاران ٻڌايل مسئلا ۽ ڳالهيون هنن کي بغير لک پڙهه جي ڪئين ياد رهي سگهن ٿيون ۽ کلي ڪچهرين ۾ موجود ڊي سي ۽ ايس ايس پي به ائين ڪرسين تي ويٺل آهن انهن پاران به ڪابه لک پڙهه جو عمل نه ڪيو ويو ، ان ۾ پيپلزپارٽي جي بدنامي ٿي آهي اهڙي نموني کلي ڪچهريون ناهن ٿينديون.هن چيو ته منهنجو ڏاڏو مرحوم مير هزار خان بجاراڻي کان اسان کي سياست ورثي ۾ مليل آهي جڏهن اسان عوام کي بهتري حڪمراني ڏينداسين ته پوءِ عوام اسان جي وراثت جو به احترام ڪندي،مان سياست ۾ ايمانداري،خدمت ۽ نظامي اصلاح جو پابند آهيان

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.