ڪراچي (رپورٽر) گلشنِ اقبال ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار ڦورن ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري رڪشا ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جو موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا، مقتولٻن ڌيئرن جو والد هو ۽ آن لائين رڪشا هلائيندو هو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته گلشنِ اقبال ٿاڻي جي حدن اندر گلشنِ اقبال بلاڪ 3، ديوا ڪمپليڪس ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦرلٽ جي نيت سان آيا، مزاحمت ٿيڻ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب آن لائن رڪشا ڊرائيور موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار مقتول جو موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا، فائرنگ بعد علائقي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ علائقي واسين مدگار 15 تي اطلاع ڏني، جنهن تي پوليس موقعي تي پهتي ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائيم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ پڻ موقعي تي پهتو، مقتول جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي سڃاڻپ 27 ورهين جي محمد جميل ولد محمد بخش طور ٿي، جيڪو نارٿ ناظم آباد سيفي ڪاليج ڀرسان رهندڙ هو، جڏهن ته سندس اباڻو تعلق لوڌران سان ٻڌايو ويو، مقتول ٻن ڌيئرن جو والد ۽ آن لائين رڪشا هلائيندڙ هو، علائقي واسين ٻڌايو ته مقتول ديوا ڪمپليڪس ڀرسان بيهي موبائل فون استعمال ڪري رهيو هو ته ان دوران موٽر سائيڪل سوار جوابدار ڦرلٽ لاءِ پهتا، جوابدارن مقتول کان موبائل فون ڦري ورتو ۽ پرس سميت ٻيون شيون کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مقتول مزاحمت ڪئي، مزاحمت دوران جوابدارن فائرنگ ڪري ڇڏي، مقتول کي مٿي ۾ گولي لڳي، جنهن سبب هو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا، مقتول جي سئوٽ ۽ دوست موجب، مقتول جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه هئي ۽ کيس رڳو ڦرلٽ دوران مزاحمت ڪرڻ سبب قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته هٿياربند ڦورو شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو سري عام هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن، جڏهن ته انهن خلاف ڪو به اثرائتو قدم نٿو کنيو وڃي، پورهيت جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.