جڏهن ڪو ”پنهنجو“ ناهي رهندو ته ان کي هٽايو ويندو آهي؟

لاهور (امداد سومرو) توصيـف احمد خان پنهنجي ولاگ ۾ جسٽس جهانگيري جي تاريخ بيان ڪئي آهي. هو ضياءُ الحق جي دور ۾ پي ايس ايف ۾ ايڪٽوسٽ هو، راولپنڊي ۾ سياسي سرگرمين ۾ شامل رهيو. پوءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن ڪراچي يونيورسٽي مان ڊگري ورتي. مشرف دور ۾ نيب۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر بڻيو، پيپلز پارٽي دور ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل، نواز شريف دور ۾ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بڻيو. سندن واسطا اهم سياسي ۽ ادارتي ماڻهن سان رهيا. بعد ۾ جڏهن ڇهن ججن خط لکيو، جنهن ۾ سندن بيڊ روم وغيره بابت به ذڪر هو، تڏهن معاملا وڌيڪ خراب ٿيا. هن انٽيليجنس چيفس سان ملاقاتون ڪيون، يقين دهانيون ڪرايون. آخر ۾ چيو ويو ته هو 31 ڊسمبر تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، جيئن پينشن لڳي وڃي. پر پوءِ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ويو ۽ اتي چيو ته سڀ ڪجهه ايجنسين جي دٻاءَ ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ معاملو ٻيهر تيز ٿي ويو. عدالت ۾ جسٽس جهانگيري پاڻ پيش ٿي وڪالت ڪئي. اعتراض به کنيا ويا، پر گهڻا اعتراض نظرانداز ڪيا ويا. هن چيو ته پينڊورا باڪس نه کوليو، نه ته سڀني جا پٽڪا لهندا. هن ٻيهر چيو ته پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي چئي سگهي ٿو ته سندس ڊگري اصلي آهي.  مختصر اهو ته پاڪستان ۾ ججن جو ايجنسين سان اهڙي نموني ملڻ مناسب ناهي. هتي گهڻو ڪجهه طاقت جي سياست تي هلي ٿو. جڏهن ڪو “اسان جو” هوندو آهي ته جج لڳندو آهي، جڏهن “اسان جو” نه رهندو آهي ته هٽايو ويندو آهي. سوال ڊگري جو گهٽ، طاقت ۽ سياست جو وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.