ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪلاچي جي علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 7 دهشتگردن کي ماري وڌو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب 15 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز کي خفيه اطلاع مليو ته ڀارتي پراڪسي تنظيم فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خارجي ڪلاچي جي علائقي ۾ موجود آهن، جنهن بعد ڪارروائي ڪئي وئي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خارجي دهشت گردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 7 خارجي دهشت گردن کي ماريو ويو، آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران نائڪ ياسر خان دشمن سان دليري سان مقابلو ڪندي شهادت جو درجو ماڻي ورتو، ترجمان پاڪ فوج ٻڌايو ته مارجي ويل ڀارتي سرپرستي يافته خارجي دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ آيو، جيڪي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪنهن به وڌيڪ ڀارتي سرپرستي يافته خارجي دهشت گرد جي موجودگي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، وزيراعظم ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي ساراهه ڪئي. هن آپريشن دوران 7 خارجي دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ مادرِ وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ نائڪ ياسر خان شهيد کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.
-
نواز شريف اڳ ئي مرسڊيز ۾ ڪاليج ويندو هو: عطا تارڙ
لاهور (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته نواز شريف جي شخصيت کي هڪ سازش تحت نئين نسل جي ذهنن ۾ منفي طور تي پيش ڪيو ويو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز شريف جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ سندس شخصيت کي غلط طور تي پيش ڪيو ويو. عطا تارڙ چيو ته نواز شريف بابت نئين نسل جي ذهنن ۾ زهر ڀريو ويو، جيتوڻيڪ هو مرسڊيز ۾ گورنمينٽ ڪاليج ويندو هو ۽ سندس پيءُ 1960-70 جي ڏهاڪي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي اسٽيل فيڪٽري قائم ڪئي هئي. هن چيو ته ميان شريف جي ٻارن جي عالمي دورن، ڪاروباري ملاقاتن ۽ صنعتي قيادت جا واضح ثبوت آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 1985 ۾ نواز شريف جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ، ميان شريف نيشنلائزيشن جي باوجود نيون صنعتون قائم ڪيون، روزگار جا موقعا پيدا ڪيا.
-
پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف ملازمن پاران احتجاج جو اعلان
ڪراچي (م ڊ) پيپلز يونٽي اف پي آءِ اي ايمپلائيز پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو. ليبر يونين اڳواڻ چوڌري منظور، صدر هدايت الله خان ۽ سيڪريٽري علي احمد لاشاري جو چوڻ هو ته 23 ڊسمبر تي پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو آئين ۽ قانون خلاف آهي. اڳواڻن ٻڌايو ته پي آءِ اي ساليانو 23 ارب روپين جو منافعو ڪمائي رهيو آهي، ان لاءِ ان جي نجڪاري جو ڪو جواز نٿو بڻجي. انهن جو چوڻ هو ته پي آءِ اي وٽ 1200 ارب روپين جا اثاثا موجود آهن، نجڪاري قوم سان ناانصافي آهي. پيپلز يونٽي جا اڳواڻ وفاقي حڪومت ۽ نواز شريف تي الزام هنيو ته اهي پي آءِ اي جي نجڪاري ذريعي قومي ادارن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته جيڪڏهن 23 ڊسمبر جو فيصلو واپس نه ورتو ويو، ته ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ ملازمن جا حق هر صورت ۾ بچايا ويندا.