باجوا جي مرضي سان فيض حميد ڏوهه ڪيا،ججن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي\وفاقي وزير

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ بريفنگ دوران سندسجنرل باجوا ۽ فيض حميد سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران جنرل باجوا چيو ته راڻا، تون تمام گهڻو موٽو ٿي ويو آهين، جيل ۾ ته ڏاڍو اسمارٽ هئين۔”هڪ انٽرويو ۾ رانا ثناءُ الله ٻڌايو ته جنرل باجوا فيض حميد کي چيو:فيض، راڻا صاحب کي ٻيهر اسمارٽ بڻايو۔”ان تي مون جنرل باجوا کي چيو ته مون خلاف جيڪو ڪيس ٺاهيو ويو، اهو توهان ئي ٺهرايو هو، الله تعاليٰ هن دنيا ۾ ئي ان جو حساب ڪندو،رانا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد، جنرل باجوا ۽ باني پي ٽي آءِ جي مرضي سان ئي سڀ معاملا هلي رهيا هئا۔هن وڌيڪ چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کان سواءِ ڪو ڪوڙو ڪيس ٺاهي، ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ان جو ڪورٽ مارشل نه ٿئي۔

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته 9 مئي جو واقعو پي ٽي آءِ ۽ فيض حميد جو  جوائنٽ وينچر هو،فوجي تنصيات کي نشانو بڻايو ويو،پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ان ڏينهن جيڪي واقعا ٿيا ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته فوج ۾ اعليٰ سطح تي ڪو شامل هو،ان ۾ سڀ کان وڏو مفاد جنرل(ر)فيض حميد جو هو، هن آرمي چيف بڻجڻ لاءِ وڏا هٿ پير هنيا هئا،هن ميان نوازشريف سان به ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو هو،هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ٻاهران تقريرون ڪندڙ ڪجهه ماڻهو اڄڪلهه اسيمبلي ۾ به ويٺل آهن،9مئي تي عمران خان اڪيلو اهو سڀ ڪجهه نه پيو ڪري سگهي،ان معاملي ۾ جنرل باجوا جو آشيروارد هو يا نه ان بابت مان ڪا راءِ نٿو ڏئي سگهان،هن چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت هئي ته باجوا اسان کي چيو هو ته توهان منهنجي خواهش جي تعميل ڪريو نه ته مان ٽيڪ اوور(مارشل لا) ڪري ڇڏيندس،ان ڳالهه جو گواهه سردار اياز صادق به آهي،جيڪڏهن احتساب ٿئي ته اهي ڳالهيون باجوا کان پڇي سگهجن ٿيون،هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سويلين حڪومتن يا سويلين سيٽ اپ سان گهڻو ڪجهه ٿيو آهي،مان باجوا جي احتساب جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مان ان تي قائم آهيان،نوازشريف جي گوجرانوالا جلسي کانپوءِ مون کي گهرائي چيو ويو ته توهان نوازشريف جي باجوا ۽ فيض حميد خلاف بيان جي مذمت ڪريو،مون کي چيو ويو ته توهان مذمت ڪندا ته نيب جا ڪيس ختم ٿي ويندا، مون تي نيب جو ڪو به ڪيس نه هو،مون چيو ته نوازشريف منهنجو ليڊر آهي مان مذمت نٿو ڪري سگهان،هن چيو ته فيض حميد کانپوءِ انهن ججن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن نوازشريف کان اپيل جو حق کسيو،اڄ ته گهڻن ججن جا ضمير جاڳي رهيا آهن پر جڏهن نوازشريف کي نااهل ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٽربيونل بڻايو ويو ۽ پوءِ ان تي هڪ جج چوڪيدار مقرر ڪيو ويو،تڏهن ججن جو ضمير ڪٿي هو؟

لاهور(بيورو)وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد باني پي ٽي آءِ لاءِ منصوبا تيار ڪندو هو، ۽ ٻئي هڪ ئي صفحي تي هئا۔شيخوپوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي هر ڏوهه ۾ فيض حميد جو وڏو ڪردار رهيو آهي۔هن چيو ته فيض حميد سان گڏ جيڪي به شريڪِ جرم رهيا آهن، اهي سڀ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا۔ فيض حميد کان پوءِ 9 مئي جي واقعن بابت باني پي ٽي آءِ خلاف به ڪيس هلايا ويندا۔رانا تنوير حسين چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽي جو ڪو به مستقبل ناهي، باني پي ٽي آءِ جي سياست ڀارت ۽ يهودي ايجنڊا تحت هلي رهي آهي۔وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مشن پاڪستان جي ادارن کي ڪمزور ۽ بدنام ڪرڻ آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.