پاڻي جي کوٽ جو وڌندڙ خطرو ۽ حڪومتي پاليسين بابت اٿندڙ سوال

 سنڌ جي تهذيب، ثقافت، زراعت، ادب، موسيقي ۽ اجتماعي شعور جو مرڪز پاڻي رهيو آهي، اڄ  اها بنيادي نعمت بابت سڀ کان وڏي بي يقيني ۽ خطري مان گذري رهي آهي. اهڙي پس منظر ۾ ڄامشوري ۾ ايم. ايڇ. پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز طرفان منعقد ڪيل هڪ ڏينهن جو ”پاڻي ميلو“ رڳو هڪ علمي تقريب يا رسمي گڏجاڻي نه هئي، پر اها سنڌ جي اجتماعي ضمير کي جاڳائڻ، حڪمرانن کي آئينو ڏيکارڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سوال اٿارڻ جي هڪ سنجيده ۽ فڪري ڪوشش هئي، جنهن جي دل جي گهراين سان آجيان ٿيڻ گهرجي. هي سنڌ جو پهريون پاڻي ميلو هو، جنهن جي شروعات ئي سنڌ جي عظيم مفڪر، شاعر ۽ صوفي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سارنگ سان ڪئي وئي.

پاڻي ميلي ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان آيل پاڻي ماهرن، ليکڪن، صحافين، محققن ۽ دانشورن جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت هئي ته پاڻي جو مسئلو هاڻي ڪنهن هڪ صوبي، هڪ شهر يا هڪ طبقي تائين محدود ناهي رهيو، پر اهو قومي، انساني ۽ وجودي سوال بڻجي چڪو آهي. ميلي جي مک نشست ”پاڻيءَ جو قدر، احساس ۽ مانُ“ جي عنوان سان ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ نرنجن راجاڻي ڪئي، جڏهن ته مهمانن ۾ نصير ميمڻ، وسعت الله خان، سني پنهور سميت ڪيترائي نالا شامل هئا. اها نشست دراصل پاڻي بابت رڳو انگ اکر ٻڌائڻ بدران، پاڻيءَ سان لاڳاپيل روين، حڪمراني ۽ اخلاقي ذميواري تي ڳالهايو ويو.

ناليواري صحافي وسعت الله خان پنهنجي ڳالهه ۾ انتهائي اهم نُڪتي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته پاڻيءَ جي کوٽ جو اصل مسئلو ڄاڻ جي کوٽ نه، پر خراب حڪمراني آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن حڪمراني سٺي هجي ته اڻڄاڻ ماڻهو به سڌري وڃن ٿا، پر جڏهن حڪمران ئي نااهل، غير سنجيده ۽ مفادن جا غلام هجن ته پوءِ سندن پاليسيون به تباهه ڪُن ثابت ٿين ٿيون. وسعت الله خان جو اهو مطالبو ته درياهن ۽ ڍنڍن کي قانوني حيثيت ۽ تحفط ڏنو وڃي ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ وارن کي انسان جي قتل جهڙي سزا ڏني وڃي، پاڻي ماهر ۽ ليکڪ نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين اسان کي پاڻيءَ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. هن انتهائي اهم ڳالهه ڪئي ته اسان وٽ اصل ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ناهي، پر انتظامي نااهلي ۽ غلط ورڇ آهي. هن  حڪمرانن جي ڊيم ٺاهڻ واري ضد تي سوال اٿاريندي چيو ته هر مسئلي جو حل ڊيم ناهي. نصير ميمڻ جي ڳالهه ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته اسان مسئلن جي سائنسي، سماجي ۽ ماحولياتي تجزيي بدران ڪنهن کي خوش ڪرڻ واري عمل کي ترجيح ڏيندا آهيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃن ٿا. نرنجن راجاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي ميلو منعقد ڪرڻ جو مقصد ماڻهن ۾ پاڻي بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي، ۽ جيڪي به ماڻهو يا ادارا پاڻي جي حق ۾ ڪٿي به ڪم ڪندا، انسٽيٽيوٽ انهن سان گڏ بيهندو. اها ڳالهه اهم ان ڪري آهي جو هن ملڪ ۾ گهڻا ادارا تقريرن تائين محدود رهندا آهن، پر پاڻي ميلو عملي جدوجهد ۽ مستقبل جي رٿابندي جو اشارو ڏئي ٿو. سني پنهور به ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڻي ميلي جو مقصد حڪمرانن ۽ پاڻ کي ياد ڏيارڻ آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ جي ذخيرن جو قدر نه ڪيو ويو ته ايندڙ نسل شديد بحرانن کي منهن ڏيندا.

ميلي جي ٻي نشست زراعت لاءِ پاڻي ۽ لاڳاپيل مسئلن بابت هئي، جنهن مان اهو واضح ٿيو ته سنڌ جي زراعت پاڻيءَ جي غلط پاليسين، غير منصفاڻي ورڇ ۽ پراڻن طريقن سبب شديد خطري ۾ آهي. ٽين نشست شهري ۽ ميونسپل پاڻي بابت هئي، جتي صاف پيئڻ جي پاڻي، سيوريج، نيڪالي ۽ شهري گورننس جا مسئلا سامهون آيا. چوٿين نشست پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ ان جي ممڪن حلن بابت هئي، جتي اهو کليل نموني چيو ويو ته جيڪڏهن صنعتن، شهرن ۽ زرعي زهرن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته سنڌ جا درياهه، ڍنڍون ۽ جر انساني استعمال جي لائق نه رهندا. جڏهن ته سنڌو درياهه جي ڇوڙ بابت نشست سنڌ جي وجودي سوال سان سڌي ريت جڙيل هئي، ڇو ته درياهه جو سمنڊ تائين نه پهچڻ رڳو ماحولياتي نه، پر تهذيبي موت جي علامت آهي. انهن سڀني نشستن مان هڪ ڳالهه سامهون آئي ته پاڻي بابت مسئلو صرف وسيلن جو نه، پر سوچ، ترجيحن ۽ ذميواريءَ جو مسئلو آهي. پاڻيءَ جي استعمال بابت سجاڳي، معقول طريقا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ سڀ کان اهم ڳالهه حڪمرانن جي سنجيدگي، اهي سڀ ڳالهيون تڏهن نتيجا ڏينديون جڏهن رڳو تقريرن تائين محدود نه رهنديون.

اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان اهڙن ميلن، ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين کان پوءِ به ساڳي غفلت، ساڳي بي حسي ۽ ساڳي حڪمراني سان اڳتي وڌنداسين؟ ڇا پاڻي ميلي جون ڳالهيون رڳو اخبارن جي ڪالمن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن تائين محدود رهنديون يا انهن مان ڪا پاليسي، ڪا تبديلي، ڪا ذميواري جنم وٺندي؟ سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هتي فڪر هميشه حڪمرانن کان اڳتي رهيو آهي، پر حڪمرانن ان فڪر کي سنجيدگي سان گهٽ ئي ورتو آهي. پاڻي ميلو اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته پاڻيءَ جو مسئلو رڳو ٽيڪنيڪل نه، پر اخلاقي، سياسي ۽ سماجي مسئلو آهي. جڏهن حڪمران پاڻي کي واپار، سياست ۽ طاقت جو اوزار بڻائيندا آهن ته پوءِ نتيجي ۾ ماڻهو اڃ ۾ مرندا آهن، زمينون بنجر ٿينديون آهن ۽ سماج اندر بيچيني وڌندي آهي. سنڌو درياهه سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو رڳو پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو ناهي، پر اهو سنڌ جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ مستقبل سان سڌي ريت جڙيل آهي. اسان سمجهون ٿا ته ڄامشوري ۾ منعقد ٿيل پاڻي ميلو سنڌ جي فڪري تاريخ ۾ هڪ اهم قدم آهي. اهو رڳو هڪ ڏينهن جو ميلو نه، پر هڪ ڊگهي جدوجهد جو آغاز هئڻ گهرجي. حڪمرانن کي گهرجي ته هو اهڙن فورمن کي سنجيدگي سان وٺن، انهن مان نڪتل سفارشن کي پاليسي جو حصو بڻائين ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اهو ته پاڻيءَ بابت فيصلا بند ڪمرن بدران عوامي بحث سان ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.