ڪراچي (رپورٽر) ڪورنگي ۾ ٽينڪر جي ٽڪر سبب 12 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو، حادثي کان پوءِ ٽينڪر ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر علائقي جي ماڻهن ٽينڪر کي روڪي ڇڏيو، جڏهن ته ڪجھه مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ريسيڪيو ذريعن موجب ڪورنگي 100 ڪوارٽر، بنگالي پاڙه ۾ ٽينڪر جي ٽڪر سبب فوت ٿيل ٻار جو نالو فرحان ٻڌايو ويو ، پوليس موجب ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽينڪر تحويلي ۾ ورتو ويو ۽ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻار سائيڪل تي هو ۽ ٽينڪر سان سڌو ٽڪر نه لڳو، ٻار سائيڪل تان ڪري پيو ۽ پوءِ ٽينڪر جي پٺيان واري ٽائر هيٺان اچي ويو، ڊرائيور موجب، غلط ڪنهن جي به هجي، پر عوام وڏي گاڏي هلائيندڙ کي ذميوار سمجهندو آهي، ريسيڪيو اهلڪارن ٻڌايو آهي ته هن سال ڪراچي ۾ هن وقت تائين 807 ماڻهو مختلف حادثن ۾ فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 245 ماڻهو هيوي ٽريفڪ (بس، ٽينڪر، ٽرڪ) جي ٽڪرن جي نتيجي ۾ فوت ٿيا آهن.