سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي ٿيل واقعي تي پوليس ڪارروائي ڪئي;مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ  وهاب چيو آهي ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي پوليس ڪارروائي  ڪئي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان نه ته سنڌو ديش جي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ نه ڪنهن ٻئي صوبي جي، اسان صرف آئيني بالادستي تي زور ڏيندا آهيون، ثقافتي ڏهاڙي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي پوليس پنهنجو عمل ڪيو، ميئر ڪراچي چيو ته تازو رليز ٿيل ڀارتي فلمون سازش تي ٻڌل هونديون آهن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پيپلزپارٽي جي بيان سان تڪليف آهي، هن اهو پڻ چيو ته گجرات جي قصائي جو لقب بلاول ڀٽو زرداري ئي نريندر مودي کي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.