لاهور (بيورو) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ هڪ دل ڏکائيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٻن سڳين ڀينرن کي مبينا طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، رپورٽن موجب لاهور جي علائقي سندر ۾ پنج ڄڻن ٻن سڳين ڀينرن سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ پوءِ فرار ٿي ويا، پوليس متاثر ڇوڪرين جي والد جي درخواست تي پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، جن ۾ قاسم، عمير جٽ، علي اڪبر وٽو، ضياءُالرحمان ۽ احمد رضا کي نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار جي ڳولا جاري آهي، حراست ۾ ورتل جوابدارن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڇوڪرين کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.