سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پريس ڪانفرنس کان اڳ پريس ڪلب جا رستا سيل

حيدرآباد: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پريس ڪانفرنس کان اڳ حيدرآباد پريس ڪلب ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سمورا رستا ڪنڊيدار  تارون لڳائي سيل ڪيا ويا هئا. صبح کان وٺي صحافين کانسواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهو ۽ گاڏي کي پريس ڪلب ڏانهن اچڻ نه پئي ڏنو ويو. پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪري سڄو ڏينهن سخت سيڪيورٽي ڪئي وئي هئي. درجن کان وڌيڪ پوليس موبائلون روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيهاريون ويون هيون. جنهن ڪري سڄو ڏينهن خوف وارو ماحول رهيو. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پهچڻ وقت کين رستو ڏنو ويو. باقي عام ماڻهو کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.