شڪارپور ۾ هٿياربندن جي موٽرسائيڪل سوارن مٿان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

شڪارپور(رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور ۾ ھٿياربندن ھٿان 2 ڄڻا قتل، شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد رئيس واھ ڀرسان سرتاج ڪانٽي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، مقتولن جي سڃاڻپ خانپور تعلقي جي ڳوٺ عالم خان واسي احسان پٽ دودو سعدخاناڻي جتوئي ۽ اياز پٽ اربيلو سعدخاناڻي جتوئي طور ٿي آهي، واقعي  بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي نيو فوجداري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نيو فوجداري اختر ابڙو ٻڌايو ته رئيس واھ لڳ سرتاج ڪانٽي ڀرسان موٽرسائيڪل ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ٻن نوجوانن تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، سندس چوڻ ھو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي، ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.