لاهور/نيويارڪ(گوهر بٽ+مزمل سهروردي+مزمل سهروردي)ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نيشنل گيمز جي تقريب ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ٿي جنهن ۾ هن کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو ۽ تقريب ۾ چيو ته اسان کي توهان جي صلاحيتن تي فخر آهي،توهان جي قيادت ۽ خدمتون قوم جي طاقت ۽ اتحاد جي علامت آهي،فيلڊ مارشل جي ساراهه ڪرڻ تي گهڻا ماڻهو تبصرا پيا ڪن ته پ پ جو وقت اچي ويو آهي،ٻين جو پتو ڪٽجي ويو آهي،پ پ ڊائريڪٽ ٿي وئي آهي،بلاول ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جا رابطا بحال ٿي ويا آهن حالانڪه تبصرا ڪندڙن کي وسري ويو آهي ته پ پ جو اسٽيبلشمينٽ سان اڳ ئي رابطو آهي،ماضي ۾ به بلاول ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن ٻئي پاسي جڏهن کان 27هين ترميم منظور ٿي آهي تڏهن کان 28هين ترميم جون ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن ۾ نوان صوبا ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جو هُل متل آهي پر پ پ ان تي راضي نه پئي ٿئي،اهو تاثر عام هو ته پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ويڇا پيدا ٿي ويا آهن،اهو به عام هو ته عاصم منير اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا تي نه هلڻ سبب پ پ کان ناراض آهي،اڄ ته بلاول ۽ عاصم منير هڪ اسٽيج تي بيٺا هئا ۽ مسڪرائي رهيا هئا،ان تقريب ۾ سمورين سازشي ڪهاڻين کي رد ڪيو ويو آهي