ڄامشورو( رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) ڄامشوري ۾ ايم. ايڇ. پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، ڄامشورو پاران ھڪ ڏينھن وارو پاڻي ميلو لڳايو ويو، پنهنجي نوعيت جي انوکي ميلي جو افتتاح عالمي مفڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سارنگ سان ڪئي وئي، جنهن ۾ نوجوان راڳي انو سولنگي بيت پيش ڪيو. ميلي ۾ پاڻي سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي رٿيل مختلف ويهڪن ۾ سڄي ملڪ مان آيل پاڻي ماهرن شريڪ ٿي پنهنجا پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا، جن مان مک نشست پاڻيءَ جو قدر، احساس ۽ مانُ جي سري سان هئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ نرنجن راجاڻي ڪئي، جڏهن ته مهمانن ۾ نصير ميمڻ، وسعت الله خان، سني پنهور ۽ ٻيا هئا. جنهن ۾ ناليواري صحافي وسعت الله خان ڳالھائيندي چيو ته قدرتي توڙي ھٿرادو پيدا ڪيل سببن ڪري پاڻيءَ جي کوٽ واري حالت طرف وڌي رھيا آھيون، جنهن جو سبب آبادي جو تيزي سان وڌڻ آهي، مسئلو پاڻي بابت ڄاڻ ڏيڻ جو ناھي مسئلو خراب حڪمراني جو آهي، جيڪڏھن بھتر حڪمراني ھجي ته اڻڄاڻ ماڻھو به ٺيڪ طرح سٺا انسان ٿي ھلن ٿا. ھن چيو ته درياهه ڍنڍن کي پرسن قرار ڏنو وڃي، دريائن ڍنڍن کي قتل ڪندڙن کي اھا ئي سزا ڏني وڃي جيڪا ھڪ انسان کي قتل ڪرڻ تي ڏني وڃي ٿي، پاڻي ماهر ۽ ليکڪ نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پھرين پاڻي جي اھميت کي سمجھڻو پوندو، دريائن جا به حق ٿين ٿا اسان انهن دريائن کي انهن جا حق نٿا ڏيون، ھن چيو ته اسان وٽ پاڻي جي کوٽ ناھي پر اجايو گوڙ ڪري کوٽ بابت ٻڌايو وڃي ٿو، اسان جا حڪمران نااهل آهن، اهي اجايو ڊيم ٺاهڻ جي رٽ لڳايو ويٺا آهن. نرنجن راجاڻي ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڻي ميلو منعقد ڪري ماڻهن ۾ پاڻي بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي به ساٿي ھن سلسلي ۾ جتي به پاڻي بابت ڪو ڪم ڪندا اسان ساڻن گڏ ھونداسين. سني پنهور ڳالهائيندي چيو ته پاڻي ميلي ڪرائڻ جو مقصد پنھنجي حڪمرانن ۽ پنھنجو پاڻ کي ياد ڏيارڻ آھي ته جيڪڏھن اسان پنھنجي پاڻي جي ذخيرن جو قدر نه ڪيو ته اسان جا ايندڙ نسل پاڻي جي شديد بحرانن جو شڪار ٿيندا. ٻي نشست ۾ زراعت لاءِ پاڻي ۽ لاڳاپيل مسئلا واري سري سان هئي، جنهن جو ميزبان عمر ڪريم هو، جنهن جا مقرر حبيب الرحمان عرساڻي، قبول محمد کٽياڻ، محمود نواز شاهه ۽ خالد حيدر ميمڻ هئا. ٻي نشست شھري ۽ ميونسپل استعمال لاءِ پاڻي جي سري سان ڪرائي وئي، جنهن جو ميزبان ڊاڪٽر تنوير گاڏهي هو، جنهن جا مهمان عبدالفتاح ڏاهري، فهيم زمان، ڊاڪٽر ڪمليشور لوهاڻو، ڊاڪٽر نجمه ميمڻ هئا. پاڻي جي آلودگي ۽ ممڪن حل جي سري سان ڪرايل نشست جي ميزبان ڊاڪٽر نجمه ميمڻ هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد يار خاور، افضل بروهي، ڊاڪٽر حليم مگسي، سيد نصرالله شاهه ۽ ولي محمد دائودپوٽو هئا، جڏهن ته سنڌو درياهه جو ڇوڙ ۽ ان جي حالت جي سري سان ڪرايل نشست جو ميزبان ڊاڪٽر ضياءَالدين ابڙو هو، جنهن جا مهمان خان ڊاڪٽر اوڀايو خشڪ، فاطمه مجيد، ناصر پنهور مهمان طور شريڪ ٿا ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر رابعا چانڊيو، پرڪاش روپ چند طوبي ٽالپر ۽ ٻين ڪئي، جنهن ۾ مختلف نشستن ۾ مقررن پاڻي جي استعمال بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ، بحث مباحثو ڪرڻ عوام تائين پھچائڻ، پاڻي جي معقول استعمال جي طريقن ۽ ذريعن بابت بحث مباحثو ڪرڻ ۽ رايا جوڙڻ، پاڻي جي سمورن وسيلن دَرياهه، ڍَنڍون، مينھن، جَر توڙي سمونڊ لاءِ احترام پيدا ڪرڻ ۽ شان وڌائڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جهڙن نقطن ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڻي سان لاڳاپيل ڳنڀير مسئلن کي حل ڪري، پنھنجي ايندڙ نسلن تائين بھتر شڪل ۾ پھچائي سگهون، نشستن دوران سوال جواب پڻ ڪيا ويا
جامي چانڊيو، ادريس جتوئي، آغا رفيق ۽ ٻين جي شرڪت
ڄامشورو: پاڻي ميلي ۾ دانشور جامي چانڊيو، غلام نبي مورائي، نفيس احمد ناشاد، ادريس جتوئي، مهيش ڪمار، آغا رفيق، ڊاڪٽر رشيده پٽي، اشوٿاما، نور بالادي، موهن مڪواڻا، شيخ عبدالله ڪوهستاني، صداقت علي سمون، ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، ڊاڪٽر نواز سومرو، عاليه بخشل ٿلهو، وزير بلوچ، اديب ملاح، نور ڪاتيار، غلام مصطفيٰ ميراڻي، علي دوست عاجز، اشتياق انصاري، صائب ميمڻ، ڊاڪٽر انيل ڪمار ڀاٽيا، محمد يوسف جويو، فهيم نوناري، محمد صديق جويو سوڌو سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. پاڻي ميلي ۾ مقالا پيش ڪندڙ ۽ ٻين مقررن کي ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي ميزبانن طرفان ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي شايع ڪيل ڪتابن تحفا ڏنا ويا.
اسٽيج ناٽڪ پيش، راڳ رنگ جي محفل ۾ استاد امير علي ، جانب سومرو ۽ ٻين سُر وکيريا
ڄامشورو: پروگرام جي پڄاڻي اسٽيج ناٽڪ سان ڪئي وئي، جيڪو ستيه ٿيئيٽر پاران ناٽڪ پيش ڪيو ويو، جنهن جو موضوع پڻ پاڻي هو، جنهن ۾ ڏسندڙن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي خوب داد حاصل ڪيو. پاڻي ميلي ۾ آيل مهمانن جي تفريح لاءِ راڳ رنگ جي محفل ڪرائي وئي جنهن ۾ استاد امير علي خان، جانب سومرو، ديده ور ڌناڻي، شهزاد خاصخيلي، سبطين منصور، سانول ۽ ماروي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شريڪ ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو.
ميلي ۾ شاگردن پاران پاڻي جي حوالي سان ٺاهيل تصويرن جي نمائش
پاڻي ميلي ۾ فني نمائش پڻ ڪرائي وئي، جنهن ۾ سائر جو وڌاءُ جي سري سان آرٽسٽ عبدالمالڪ چنا جو واري ذريعي سنڌ جي ثقافت رلي، موهن جي دڙي مان مليل ٻوليءَ جي نشانن، ڏاند ڍکي ۽ پريسٽ ڪنگ جي تصوير کي ٺاهيو ويو هو جيڪو ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز رهيو، ميلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پاڻي جي حوالي سان ٺاهيل تصويرون پڻ نمائش ۾ رکيون ويون هيون. نمائش ۾ ٻار آرٽسٽن پاران لائيو تصويرون پڻ ٺاهڻ جو مقابلو ڪرايو ويو.
پاڻي ميلي ۾ ڪتابن، کاڌن، سائنسي ۽ وندر جا اسٽال
ڄامشورو:پاڻي ميلي دوران ڪتابن جا اسٽال، مختلف کاڌن جا اسٽال، سائنسي اسٽال راندين ۽ وندر جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا، ڪتابي ميلي ۾ مختلف پبلشرن پاران لڳايل بڪ اسٽالن تي تاريخ، ادب، مذهب، سياست، ثقافت، جاگرافي، سائنس، آرٽ سوڌو مختلف موضوعن تي ڪتاب رکياويا هئا، جتي خريدارن جي وڏي رش رهي. ڪتابن جا اسٽال لڳائيندڙن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جي ميلي ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳائڻ سان سٺي خريداري ٿي ان قسم جا ميلا ٿيڻ گهرجن.