حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو ته اجلاسن اندر ويٺلن تي ڪيس داخل ڪري آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 26هين ۽ 27هين ترميم آڻي عدليه جو مذاق اڏايو ويو ۽ وفاقي نظام کي مفلوج بڻايو ويو آهي. 18هين ترميم ان ڏينهن دفن ٿي وئي. جنهن ڏينهن ايف سي آءِ سي آندو ويو. مظلوم قومن جي آواز کي دٻائي ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، نورنبي راهوجو، تاج مري، رسول بخش لغاري، امير علي ٿيٻو، سميع چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيدزين شاهه چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم آڻي ملڪ تي اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي وئي آهي. ان خلاف احتجاج کي روڪڻ لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو. هن چيو ته 11 نومبر تي رٿيل اسان جي احتجاجن کي روڪيو ويو ۽ 3 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پهريان احتجاجي مظاهرن ڪرڻ تي ڪيس داخل ٿيا. پر هاڻ چوديواري اندر اجلاس ڪرڻ تي به ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم آڻي عدليه جو مذاق اڏايو ويو ۽ پوري فيڊرل نظام کي مفلوج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 4 ڪيس رڳو گڏجاڻي ڪرڻ تي داخل ڪيا ويا آهن. پ پ پنهنجي مفادن خاطر صوبن جي حمايت ڪري رهي آهي پ پ ۽ نواز ليگ جا ايم اين اي اسلام آباد ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهن. هن چيو ته اين ايف سي تي اڳ ۾ ڌاڙو لڳي چڪو آهي ۽ 18 هين ترميم ان ڏينهن دفن ٿي وئي. جنهن ڏينهن ايف سي آئي سي آندي وئي. هن چيو ته اسيمبلي ۾ سڀني کي برابر جا حق ڏنا وڃن. هن چيو ته سنڌ تاريخي وطن آهي. ڪو ايڊمنسٽريٽر ادارو ناهي. اڳ ۾ ئي عليحدگي جون تحريڪون هلن پيون. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف افغانستان بابت 25 سال اڳ بش جي ڏنل بيان ورجايو آهي. 25سال اڳ آمريڪا جي ان وقت جي صدر اهڙو بيان ڏنو هو. جيڪو هاڻ شهباز شريف ڏنو آهي. اهڙي بيان سان ملڪ کي امن بدران جنگ طرف ڌڪيو پيو وڃي. اسين چاهيون ٿا ته ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا وڃن ته جيئن امن قائم رهي. هن چيو ته 27 هين ترميم ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي آهي. اها غير قانوني ۽ اسلام جي به خلاف آهي. ان ۾ 5 سالن جي عهدن کي توسيع ڏني وئي آهي. عدليه کي تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نون صوبن ٺاهڻ جو قومي اسيمبلي کي ڪو حق ناهي. هن چيو ته ترميم جي ڪري سول رول ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. عمران خان، ياسمين راشد سميت ٻين اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته جعلي حڪومت ختم ڪري ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي. هن چيو ته جڏهن تقرير ۽ تحرير تي بندش پيل آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا ڊڪليئر ڪري ڇڏين ته بهتر آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي ڪمپنيز هلائي رهيون آهن. آئين ۽ عداليه جا ليڪا لتاڙيا ويا آهن. ججن ۽ صحافين کان هنن کي خطرو رهيو آهي. هن چيو ته هاڻ مضبوط تحريڪ هلائڻ کانسواءِ ڪا ٻئي واهر ناهي.