گلشن معمار ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

ڪراچي اوڀر (ن ع آ)  گلشن معمار ٿاڻي جي حد جھنگ چوڪ ويجھو موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ شھري علي اصغر مري زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنھن رستي ۾ دم ڏنو، موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڦورن روڊ  سان ويندڙ شھري کان ڦر موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش تـ موٽرسائيڪل سوار علي اصغر مري مزاحمت ڪئي جنھن تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ علي اصغري مري سخت زخمي ٿي پيو اسپتال نيئدي رستي ۾ فوت ٿي ويو، واقعي خلاف مقتول جي وارثن ۽ رھواسين طرفان ناردرن پاس روڊ تي ڌرڻو ھڻي گلشن معمار پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنھن بعد ڊي ايس پي اشتياق غوري ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ٽن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.