ڪراچي ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ نوجوان قتل، ٻيو زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو ڄڻو زخمي ٿي پيو، سچل ٿاڻي جي حد صفوران سعدي ٽائون ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 25 ورهين  جو رحيم الدين ولد مبين الدين موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڇيپا ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، سچل ٿاڻي جي هيڊ محرر صدام موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته فائرنگ جو سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو، ٻئي پاسي بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد نارٿ ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب 30 ورهين جو احمد حسن ولد لياقت زخمي ٿي پيو، زخمي کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.