جبري گمشدگين جي ڪيسن ۾ وقتائتو قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت ۾ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ جبري گمشدگين ۽ ڪمرشل ڪيسن تي مؤثر ردعمل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس ۽ وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس امين الدين شرڪت ڪئي. پڌرائي مطابق جبري گمشدگين جي ڪيسن تي مؤثر ادارتي ردعمل ۽ گرفتار جوابدار کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ سامهون پيش نه ڪرڻ تي نئون ميڪنزم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻين اهم فيصلن ۾ ڪمرشل ڪيسن جي جلدي فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪمرشل لٽگيشن ڪوريڊور جو نفاذ، مقدمن جي فيصلا لاءِ مقرر ڪيل ٽائيم لائينز تي سختي سان عمل ڪرڻ، ۽ عدالتن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جو استعمال لاءِ قومي گائيڊ لائينز جي تياري شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.