گهوٽڪي (عوامي آواز رپورٽ) گهوٽڪي ۾ کليل ڪچهري دوران وڪيل ۽ پ پ اڳواڻ بابل ڀيو آمهون سامهون ٿي ويا، وڪيل طرفان بابل ڀيو کي چيو ويو ته اسان کي سوالن جا جواب کپن، ڳالهه هڪڙي ناهي، پيپلزپارٽي جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ رئيسن جي ڪري اسان غريب ٿيا آهيون، ان موقعي تي بابل ڀيو ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته بابا اهي وڏيرن آهن جو اوهان جي ٻڌن ٿا، ٻيو ڪو سنڌ ۾ اوهان کي ٻيو ماڻهو اپوزيشن ڪاٿي نظر اچي ٿي، اها پيپلزپارٽي آهي، اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي، اها شهيد بينظير ڀٽو آهي اهو اسان جو قائد بلاول ڀٽو آهي جو تو جهڙو ماڻهو به سردار خان بهادر خان جي پٽ ايئن ڳالهائي، اسان ڪنهن کان ڊڄندا ناهيون، رب کان ڊڄون ٿا، تو جهڙو ماڻهو هڪڙي 8، 10 قومن جي سردار جي اڳيان ايئن ڳالهائين ٿو، کليل ڪچهري دوران وڪيل ۽ بابل ڀيو آمهون سامهون ٿيا، عزت الله جي هٿ ۾ آهي، وڪيل چيو ته مان ڪجهه نٿو چوان، مون ڇا چيو، بابل ڀيو چيو ته عزت سان ڳالهائي مان ڊڄڻ وارو ناهيان، قيادت جي ڪري چپ آهيان، چپ ڪري ڪچهري ٻڌ، ان دوران هڪ شخص پاران وڪيل سان اڻوڻندڙ لفظ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، بابل ڀيو چيو ته چپ ڪر، اوئي اوئي مان ويٺو آهيان مان ڳالهايان ٿو، هيڏانهن اچ جاني مان هٿ ٿو ٻڌان، مان هڪڙي ڳالهه ڪئي، گهوٽڪي ۾ کليل ڪچهري دوران پ پ اڳواڻ بابل ڀيو کان ڳوٺاڻي جا سخت سوال، سردار بابل ڀيو ڳوٺاڻي ٿڌو پاڻي پيئاري ٿڌو ڪيو، ڳوٺاڻي جو چوڻ هو ته اسان جي ضلعي ۾، تعلقي ۾ اکين جو ڊاڪٽر ڇو ناهي، ايم آر آءِ ڇو ناهي، اينڊوس ڪاپي ڇو ناهي، بجيٽ ڪٿي ڪٿي خرچ ڪيو ٿا، 29 آر او پلانٽس ڪٿي ڪٿي لڳل آهن، پاڻي ڪٿي ڪٿي ٽيسٽ ڪيا اٿو، سڄي ضلعي ۾ هيپاٽائيٽس ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، هر جاءِ تي هر ٽئين چوٿين ماڻهو کي هيپاٽائٽس آهي، اوهان جون ڪيمپون ڪٿي ڪٿي لڳنديون آهن، مان چوان ٿو ته سر رڳو ڊليوري جي مسئلي ۾ غريب ماڻهو پرائيويٽ اسپتالن ۾ 80، 80 هزار 90، 90 هزار خرچ ڪن ٿا اهي سول اسپتال ۾ جيڪي ڊاڪٽرياڻيون ويٺل آهن، اهي ڏيڍ کان ٻه لک پگهارون وٺن ٿيون اهي موقعي تي موجود ناهن، سر اوهان کي نه ٻڌايون ته ڪنهن کي ٻڌايو، اوهان آواز نه اٿاريندا ته ڪير اٿاريندو، سوالن دوران ڳوٺاڻي جي جذباتي ٿيڻ تي بابل ڀيو چيو ته وٺو وٺو پاڻي پيئو، پاڻي پيئو، بعد ۾ بابل ڀيو هن کي چيو ته هاڻ ٻڌايو ته ڪرڻو ڇا آهي، جڏهن ته اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.