عاصمه جهانگير گروپ پاڪستان بار جي 11 مان 8 سيٽن تي ڪامياب

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير قانون اعظَم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل جي پنجاب جي 11 مان 8 سيٽن تي عاصمه جهانگير گروپ ڪامياب ٿيو آهي. هن چيو ته 2 سيٽن تي حامد خان گروپ جي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. غير حتمي نتيجن موجب، حامد خان گروپ جا سلمان اڪرم راجا ۽ شفقت چوهاڻ  پاڪستان بار ڪائونسل جا ميمبر چونڊجي چڪا آهن.عاصمه جهانگير گروپ جا اعظم نذير تارڙ، احسن ڀون، پير مسعود  چشتي، عامر سعيد ، طاهر ناصر الله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، ثاقب اڪرم گوندل ۽ سيد قلب حسن پاڪستان بار ڪائونسل جا ميمبر چونڊجي چڪا آهن. ڪامياب اميدوارن جو حتمي نتيجو 22 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.