راولپنڊي: ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 12 آگسٽ 2024ع تي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت سندس خلف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نجي هائوسنگ سوسائٽي واري معاملي تي شڪايتن کانپوءِ شروع ڪئي وئي، جنهن تحت تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري پڻ ٿي. 29 نومبر 2022ع تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ ئي رٽائر ورتي هئي. گذريل سال 10 ڊسمبر تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت فيض حميد کي بظابطا چارج شيٽ ڪيو ويو.انهن چارچز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان رسائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل هو. آءِ ايس پي آر موجب، فيض حميد تي پرتشدد ۽ بدامني جي ڪيئي واقعن ۾ نوَ مئي سان لاڳاپيل واقعا پڻ جاچ ۾ شامل آهن.