راولپنڊي: فيضآباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو فيض حميد جو نالو سامهون آيو جڏهن سندس حوالي سان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي ڪرائڻ جي ڳالهه سامهون آئي. .2018ع وارين چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت 2019ع ۾ فيض حميد کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ۽ هو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهي عهدن تي رهيو. ان کانپوءِ ٽي ايل پي سان معاهدي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، فيض حميد مٿان سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ حلف جي پاسداري نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان ئي دور ۾ سياسي انتقام، گرفتاريون ۽ وفادارين جي تبديلي جا الزامن پڻ سامهون آيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ فيض حميد تي سنگين قسم جا الزام لڳايا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت جا الزامن به سامهون آيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي به فيض حميد تي مداخلت جا الزام لڳايا هئا.