راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد سزا ٻڌائي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ اهو عمل 15 مهينن تائين جاري رهيو. آءِ ايس پي آر موجب، جوابدار خلاف 4 الزامن هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي، جن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائي کانپوءِ جوابدار کي سمورن الزامن ۾ قصوروار قرار ڏنو ويو، عدالت طرفان ڏنل سزا 11 ڊسمبر 2025 کان لاڳو هوندي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ۽ جوابدار کي دفاع لاءِ وڪيلن جي ٽيم چونڊڻ سميت سمورا قانوني حق ڏنا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سياسي عنصرن سان ڳٺ جوڙ، سياسي وڳوڙن ۽ عدم استحڪام وارا معاملا الڳ سان ڏٺا پيا وڃن. واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدن تي رهي چڪو آهي ۽ هن ڪور ڪمانڊر پشاور طور به خدمتون انجام ڏنيون.