فيض حميد ريڊ لائن پار ڪئي، فيصلو سچ جي فتح آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ فيض حميد جي سزا تاريخي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. نجي ٽي وي  چينل سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته حميد حميد کي سزا هڪ تاريخي فيصلو ۽ حق سچ جي فتح آهي، پاڪ فوج جو سسٽم گهڻو مضبوط آهي، قانوني مڪينزم گهڻا مضبوط آهن، ان معاملي تي ڊگهو عرصو شاهديون پيش ڪيون ويون، شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، فيض حميد پي ٽي آءِ جي سياسي صلاحڪار طور ملڪ ۾ سازشون ڪيون. هن چيو ته فيض حميد ريڊ لائن ڪراس ڪئي، رٽائرمينٽ کانپوءِ جڏهن سياسي سرگرمين تي پابندي هئي، تڏهن به پي ٽي آءِ جو سياسي صلاحڪار بڻيو ۽ ان جي مڪمل سياسي سپورٽ ڪئي، 9 مئي جهڙن واقعن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ رياست خلاف بغاوت ڪرڻ ان تي ثابت ٿيو آهي، هائوسنگ سوسائٽي جو ڪيس سامهون آهي، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ اهي سڀ ترديد نه ٿيڻ جوڳا آهن، هي لينڊ مارڪ فيصلو آهي، ان سان قانون ۽ انصاف جي نظام کي هٿي ملي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.