عمران خان کي ٻئي جيل منتقل ڪري سگهجي ٿو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن اڊيالا جيل ٻاهران مسلسل احتجاج جاري رهيو ته حڪومت عمران خان جي جيل منتقلي تي غور ڪري سگهي ٿي.  راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي ادارن تي سڌي طرح تنقيد ڪرڻ ۽ ڀارت جي حمايت ڪرڻ جو الزام لڳايو، چيو ته ان جي ڪري گذريل ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو هو. هن مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ ٻين بيانن کان پاڻ کي الڳ ڪري ۽ معافي وٺي ته جيئن ممڪن حل ڳولي سگهجي. رانا ثناءُ الله چيو ته بلاول جي سوچ سياسي ۽ جمهوري حوالي سان واضح رهي آهي، هن افهام تفهيم جي ڳالهه ڪئي آهي، چاهيون ٿا سڀني سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو هو ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن. هن چيو ته آءِ ايس آءِ منظم ادارو آهي، ذاتي خواهش تي ڪم ڪجن ته ان جي پڪڙ ته ٿيڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.