ڪراچي (رپورٽر) پوليس ننڍن ٻارن سان بدفعلي ۽ غلط حرڪتون ڪرڻ واري جوابدار کي نينگر سان بدفعلي ڪرڻ دوران گرفتار ڪري ورتو، ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس جي ترجمان موجب جوابدار کي عيد گاهه ٿاڻي جي حدن ۾ 12 سالن جي ٻار سان بدفعلي ڪندي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ حيدر علي جي نالي سان ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته هو ٻارن کي ڪنهن شيءِ جي بهاني ورغلائي ويران جاءِ تي وٺي وڃي انهن سان بدفعلي ڪندو هو، پوليس موجب جوابدار هن وقت تائين ڪيترن ٻارن سان بدفعلي ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.