خيبر پختونخوا اسيمبلي: ن ليگ جي عورت ميمبر فيلڊ مارشل جي تصوير کڻي پهتي

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي صوبيا شاهد فيلڊ مارشل عاصم منير جي تصوير ايوان ۾ کڻي آئي. اسيمبلي فلور تي، مسلم ليگ (ن) جي عورت ايم پي اي فيلڊ مارشل جي حق ۾ نعرا هنيا. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر ثريا بي بي صوبيا شاهد کي آرام سان ويهڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾ اجلاس 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.