حيدرآباد ۾ اڳوڻي ڊي ايس پي جو لاش هٿ، پٽ گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ رٽائرڊ ڊي ايس پي جو فيلٽ مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، سندس زال جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. لطيف آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي  علائقي يونٽ نمبر 8 ۾ فليٽ مان رٽائرڊ ڊي ايس پي راحت زيدي جو گولي لڳل لاش مليو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، ڊاڪٽر پوليس کي ٻڌايو ته فوتي کي پيٽ ۾ گولي لڳي، جيڪا آر پار ٿي وئي. ساڳئي وقت حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي فوتي جو ڪيس سندس زال جي فرياد تي 322 جي قتل خطا جي قلم تحت داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته فوتي ڊي ايس پي ۽ سندس پٽ بينڪ مان پئسا کڻڻ لاءِ گهران نڪرن پيا، پسٽل کڻڻ دوران سندس پٽ کان گولي ڇٽي وئي، پٽ دانيال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.