جيڪب آباد (ڊ ر ) تعليم کاتي جي اسڪولن لاءِ ڪيل مخصوص بجيٽ ۾ مبينا طور ڪروڙين روپين جي ڪرپشن وارو مامرو، ڊائريڪٽر جو ايڪشن تعليم کاتي جا ٻه اسسٽنٽ هڪ ڪلارڪ معطل، شوڪاز جاري، جيڪب آباد جي سرڪاري اسڪولن لاءِ آيل مخصوص بجيٽ ۾ ڪرپشن واري مامري جي جاچ تيز ڪئي وئي، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري لاڙڪاڻو خليل احمد مهر ايڪشن ورتو، ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي ٽي اي او فيميل جيڪب آباد جي اسسٽنٽ عاشق علي ڀٽو ٽي اي او ميل جي اسسٽنٽ مقصود سومرو ۽ ٽي اي او فيميل ٺل جي جونيئر ڪلارڪ عبدالغني انصاري کي معطل ڪري ڇڏيو ڊائريڪٽر ٽنهي عملدارن کي معطل ڪري شوڪاز به پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن جاري ڪيل شوڪاز جو هفتي اندر جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل شوڪاز ۾ لکيو ويو ته اوھان ٽنهي عملدارن اسڪولن لاءِ آيل مخصوص بجيٽ ۾ ايس او پي جي ڀڃڪڙي اسپيشل بجيٽ ڪڍرائي آهي جنهن جا اوھان مٿان ڪرپشن جا الزام آهن ڪرپشن جي الزام هيٺ اوھان کي فوري طور معطل ڪيو پيو وڃي هفتي اندر مليل شوڪاز جو جواب داخل ڪرايو ٻي صورت ۾ کاتيوار سخت ڪارروائي ڪئي .