ميئر ڪراچي طرفان هر يوسي کي ماهوار هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال ۾ 3 سالن جي ٻار ابراهيم جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ جي لاءِ مڪاني ادارن جي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيپلزپارٽي جي ٽن ميمبرن جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن، ڪميٽي واقعي جي سببن ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ بابت تجويزون ڏيندي، جاچ ڪاميٽي لاڳاپيل عملدارن کان معلومات حاصل ڪندي، ٻئي پاسي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گٽرن جي ڍڪن ۽ اسٽريٽ لائٽس جي ڀڃ ڊاهه کي ڏسندي اعلان ڪيو آهي ته هر يونين ڪميٽي کي هر مهيني 1 لک رپيا ڏنا ويندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر چيو ته نئين نظام کان اڳ هر يو سي کي 5 لک رپيا ماهور ڏنا ويندا هئا، جن جو بنيادي مقصد گهٽين جي مسئلن کي حل ڪرڻ هو، شهر جي ڪيترين يو سيز ۾ پئسن جو صحيح استعمال ٿيو آهي، پر ڪيترن  ئي علائقن مان اطلاع مليو آهي ته رقم ڪافي نه آهي يا پگهارن ۾ خرچ ٿي رهي آهي، شهر جي  هر گهٽي جي گٽرن جي ڍڪن جي حفاظت ڪرڻ منهنجو ڪم نه آهي پر هن معاملي کي قيادت اڳيان رکيو ويو، سنڌ حڪومت رقم وڌائي 12 لک رپيا ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.