شڪارپور (ن ع آ) شڪارپور ڦر پور بڻيل سکر جي واپاري کان پنجويھ لک روپيا ڦر واپارين جو ٿاڻي آڏو احتجاج، شھر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن سکر جي واپاري نادر ڀيو کي يرغمال بڻائي کائينس پنجويھ لک رپيا موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واپاري سکر کان شھر جي اناج منڊي ۾ واپار لاءِ آيل ھو ته ھٿياربندن کيس يرغمال ڪري روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي واپارين سميع الله شيخ ۽ ٻين اناج منڊي کان احتجاج ڪندي ٿاڻي آڏو احتجاج مظاھرو ڪيو ۽ ڦر ٿيل رقم ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، واپاري تنظيم جي اڳواڻ سميع الله شيخ چيو ته افسوس آھي جو شھري ڪاروبار به نٿا ڪري سگھن، سکر جي واپاري کان پئسا ڦر ڪيا ويا آھن، واقعي جي جيتري به مزمت ڪجي گھٽ آھي، واپاري کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.