ڀينس ڪالوني ۾ سالن هٿان ڀيڻيوو قتل

ابراهيم حيدري (رپورٽ: اعجاز شيخ) ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ سالن پنهنجي ڀيڻيووي کي قتل ڪري ڇڏيو، ملير ڀينس ڪالوني ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي سالن جي فائرنگ سبب 45 ورهين جو عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهون ڪلمتي مارجي ويو، واقعو ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 رحمانيه مسجد جي ويجهو مقتول جي گهر ۾ پيش آيو، وارثن  موجب مقتول جا سالا ديدار ڦلپوٽو ۽ طارقڦلپوٽو گذريل رات دير سان گھر ۾ زبردستي گهڙي  آيا ۽ بنا ڪنهن سبب جي انڌا ڌنڌ  فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالطيف ڪلمتي کي ڪيتريون ئي گولين لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، مقتول جي والد پنهون ڪلمتي ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته انهن جي جوابدارن  سان ڪا دشمني نه هئي پر سالن گهر ۾ گهڙي  ظلم جي انتها ڪندي نوجوان کي بي رحمي سان قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.