اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سوشل ميڊيا تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محمد آصف جي پٽ ابوذر جي لينڊڪروزر هيٺيان ٻن نارين جي مارجڻ واري واقعي تي لڳاتار بحث جاري آهي،اينڪر عمار مسعود چيو آهي ته جج آصف کي گهرجي ته پنهنجي عدالت ۾ رکيل قانون جي ڪتاب کي باهه ڏئي ڇڏي، انصاف جي ترازو جا ٻئي پُلڙا هيٺ کوڙهي ڇڏي، ، ۽ سائلين ۾ منادي ڪرائي ڇڏي ته هي ان منصف جي عدالت آهي، جيڪو پاڻ ئي مجرم آهي، جنهن جو پٽ قاتل آهي، ۽ جنهن قاتل جي پٺڀرائي ڪندڙ اڄ توهان جو ڪيس ٻڌندو۔. سائل پاڻ ٻڌائين ته کين ڪهڙو انصاف کپي؟ جج آصف جي پٽ ابوذر رَيڪي وارو يا اسڪوٽي تي ويٺل ٻن غريب نينگرين وارو؟نادر بلوچ لکيو ته توهان غريب آهيو ته خبردار رهو، پاڪستان جا سمورا قانون توهان تي لاڳو ٿي سگهن ٿا،اينڪر شهزاد اقبال لکيو ته جڏهن جج به انصاف بدران صلح تي اچي وڃن ته عدالتن جو ڪهڙو ڪم؟ڇا هاڻي جسٽس محمد آصف پنهنجي عدالت ۾ انصاف جي جاءِ تي صلح صفائي ڪرائيندو؟اسد ملڪ لکيو ته پاڪستان جا جج ۽ عدالتون به قابض مافيا جو حصو بڻجي چڪيون آهن،احسن واحد لکيو ته متاثر خاندان ڪمزور هئا پر رياست ته نه هئي؟جج خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟محمد عارف لکيو ته جج جي پٽ کي ديت جي سهاري ته آزاد ڪرايو ويو پر بغير لائسنس گاڏي هلائڻ جي سزا ڪنهن معاف ڪئي؟