اسلام آباد(عاصمه شيرازي) ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس غير معمولي هئي، ان پريس ڪانفرنس ۾ سخت پيغام ڏنا ويا، جيڪي يقيناً انهن هنڌن تائين پهتا جتي پهچڻ گھرجن ها، ۽ اُتي ردعمل به آيو. هڪ راءِ اها آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر کي اهڙي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻي گهربي هئي، نه اهڙو لهجو اختيار ڪرڻ گهرجي ها، نه ان حد تائين وڃڻ گهرجي ها. ٻئي طرف اها به راءِ آهي ته پي ٽي آءِ کي به ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي ها، ڇو ته ٻن سالن کان پي ٽي آءِ جو لهجو ٽڪراؤ وارو رهيو آهي، ۽ هاڻي جڏهن ساڳي زبان فوجي ترجمان استعمال ڪئي آهي ته تنقيد ٿي رهي آهي،طلال چوڌري ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن پڻ سخت پوزيشن اختيار ڪئي آهي ۽ اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اڊياله جيل ٻاهران احتجاج جاري رهيو ته عمران خان کي ڪنهن ٻي جيل منتقل به ڪري سگهجي ٿو۔فيصل واوڊا رياستي پيغام کڻي سامهون آيو آهي،اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هن پريس ڪانفرنس کان اڳ عالمي ردعمل، سفارتي هلچل، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان ٿيل رابطا ڏسي پوءِ فيصلا ڪيا ويا۔پي ٽي آءِ جي شڪايت آهي ته فوج جو لهجو سخت آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پي ٽي آءِ پاڻ ڪهڙو لهجو استعمال ڪيو؟ صحافين، سياسي مخالفن، عورتن ، سڀني لاءِ ڪيئن لفظ استعمال ڪيا ويا؟ جڏهن توهان پاڻ لهجي جي حدون ٽوڙيندا آهيو ته پوءِ ساڳي تبديلي جو جواب ملي ٿو۔بيريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجه ۽ ٻين جو ردعمل نرم ۽ سياسي هو، جيڪو مناسب هو. پر پشاور واري جلسي ۾ وري سخت ڳالهيون ٿيون جلسي ۾ ڪو واضح لائحه عمل نظر نه آيو، جيڪو ٿي سگهي ٿو سياسي حڪمت عملي تحت ڪيو ويو هجي۔پارٽي ٽٽي چڪي آهي، شديد دٻاءُ ۾ آهي، ۽ بيريسٽر گوهر جهڙا ماڻهو وڏي ڏاهپ سان پارٽي کي سنڀالي رهيا آهن، جڏهن ته ڪو به نظريو يا جماعت مائنس نه ٿي سگهي ٿي۔ نه پيپلز پارٽي ٿي، نه ن ليگ ٿي، نه پي ٽي آءِ ٿي سگهي ٿي۔ پر سياست صرف تڏهن بچي ٿي جڏهن سياسي انداز اختيار ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ، ٽڪراءُ ۽ "ون مين شو” سان پارٽي نه بچندي۔طلال چوڌري ۽ عطا تارڙ جون ڳالهيون ٻڌائي رهيون آهن ته حڪومت صرف عمران خان کان سواءِ ڳالهائڻ تي راضي آهي،پر پي ٽي آءِ عمران کان سواءِ هلي ئي نه ٿي سگهي، تنهنڪري ڊائلاگ جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا۔سڀ ڌريون هڪ بند گهٽيءَ ۾ پهچي ويون آهن۔ رستو رڳو سياستدان ڪڍي سگهن ٿا، ڳالهه ٻولهه، نرم لهجو ۽ سياسي حڪمت عملي سان۔