عمران خان جلد انجام تي پهچندو، ٻه پي ٽي آءِ ٺهنديون: حڪومت \ عمران مائنس نٿو ٿي سگهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم جي مشير، سينيٽر راڻا ثنا الله چيو آهي ته باني پي ٽي آءِعمران خان خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي۔نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ۾ وڏو ۽ بلڪل واضح پيغام ڏنو آهي،پي ٽي آءِ کي صاف پيغام ملي ويو آهي، جيڪڏھن ان کي مذاق سمجهندا ته نقصان پاڻ کائيندا، حڪومت ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان جي تائيد ڪري ڇڏي آهي۔رانا ثنا الله جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جي پنهنجي ڀيڻ سان ملاقات کان پوءِ جيڪو ٽوئيٽ آيو ۽ جيڪي لفظ استعمال ٿيا، ان کان پوءِ فيصلو ٿي ويو آهي، عمران خان خلاف غداري جو ڪيس ٿي سگهي ٿو،عمران خان الطاف جي رستي تي هلڻ چاهي ٿو،اڄ ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم باني ڪٿي آهن؟هن چيو ته عمران خان جلد پنهنجي انجام تي پهچندو،10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو اڊيالا پي ٽي آءِ سان گڏ هلندا،پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اڊيالا تحريڪ انصاف الڳ الڳ جماعتون هونديون،هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينت کي بليڪ ميل ڪري جيئن اها هن جو ساٿ ڏئي،عمران خان جو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو پنهنجي مخالفن کي نه ڇڏيندس واري بيانيي تي ٿيو،عمران خان واري دور جي اسٽيبلشمينٽ هن سان گڏ هئي،پي ٽي آءِ جي 85 سيڪڙو عمران خان جي ايجنڊا سان گڏ ناهي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته  عمران خان ڪڏهن به مائنس نٿو ٿي سگهي، 70 سيڪڙو پاڪستاني عوام انهن سان گڏ آهي.پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، بيريسٽر گوهر چيو ته جمهوريت بابت سوچيو ۽ سٺو سوچيو، باني پي ٽي آءِ هڪ وڏي جماعت جو اڳواڻ آهي، پاڪستان جو 70 سيڪڙو عوام هن سان گڏ آهي. هن چيو ته عمران خان ڪڏهن به مائنس نٿو ٿي سگهن، باني پي ٽي آءِ اهڙا اڳواڻ ناهن جن بابت توهان اهڙي ڳالهه ڪري سگهو، جيڪي به صاحب اقتدار آهن، انهن کان درخواست آهي ته بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي خاندان سان ملاقات ڪرائي وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته بشريٰ بي بي جي خاندان ملاقات کانپوءِ ڪڏهن ميڊيا سان ڳالهايو؟ مان حيران آهيان، فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر ڪي پي هوندي به گورنر راڄ جو سوچ رهيو آهن، خيبرپختونخوا ۾ انشاء الله گورنر راڄ  ڪڏهن به نٿو لڳي سگهي.بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته بهتري طرف وڃون، صوبي ۾ مسئلا نه هجن، گورنر راڄ صرف هڪ اشارو آهي، اهي چاهين ٿا ته صوبي جا حالات خراب هجن، اهي ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن ته ماڻهو قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻن ۽ نڪري اچن، جيڪي گورنر راڄ چاهين ٿا، اهي ٻڌائن ڪڏهن وزيراعليٰ کي چيو آهي ته اهو درست ناهي، ان کي ٺيڪ ڪريو. هن چيو ته اسان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو،ادارن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون،مضبوط فوج ئي مضبوط پاڪستان جي ضامن آهي،سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ مائنس ون جو فارمولا لاڳو ئي نٿو ٿي سگهي، جڏهن پي ٽي آءِ ڪنهن ٻئي سان گڏ نٿي هلي سگهي، ته مائنس ون جي ڳالهه بلڪل بغير ڪنهن سبب جي آهي.

اسلام آباد (بيورو) مملڪتي گهرو ووزير طلال چوڌري تحريڪِ انصاف جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي، هي وري ڪنهن جي ڪُلهي ذريعي اقتدار چاهين ٿا، پنهنجي وڊيو بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته عوام پشاور ۾ پي ٽي آءِ جلاص ۾ انهن جو حال ڏٺو، جلسي ۾ گار گند ۽ تنقيد کانسواءِ ڪجهه نه هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جيڪي ڳالهيون پهاڪن ۾ چيون، هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو اصل ۾ ائين ئي آهن، پي ٽي آءِ جي پشاور جلسي ۾ ادارن تي الزام مڙهيا ويا، آئي ڏينهن پي ٽي آءِ جي ايڪس هينڊل تان ملڪي ادارن خلاف تنقيد ڪئي ويندي آهي، ڪير ڪيستائين خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿو؟ مملڪتي وزير پي ٽي آءِ تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، هو ٻيهر ڪنهن جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پاڻ کي سڀ کان ضروري ۽ اڻٽر سمجهندڙ ذهني مريض ئي ٿي سگهي ٿو، هاڻي ڳالهين جي دعوت نه ڏينداسين، هن چيو ته هي ماڻهو اڊيالا جيل ۾ قيد ٻين قيدين لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، هاڻ سختي ٿيندي، هي جيڪڏهن هاڻ اڊيالا جيل ٻاهران تماشو ڪندا، جيل قيد ٻين قيدين جي لاءِ خطرو بڻجندا ته پوءِ قيدي کي اُتي رکيو ويندو جتي هو محفوظ هجي، پوءِ هنن کي ٻڌائينداسين ته قانون جي عملداري ڪيئن ٿيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.