واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سومر تي واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جو پاڪستان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ 1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جي قسط جي منظوري ڏني وئي. آءِ ايم ايف مشن اڳ ۾ ئي ان قسط جي منظوري ڏئي چڪو هو.1 ارب 29 ڪروڙ ڊالر جي قسط ۾ 20 ڪروڙ ڊالر موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا. ان کان علاوه، آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ ٻئي اقتصادي جائزي جي به منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب، 7 ارب ڊالر جي اي ایف ایف پروگرام تحت 1 ارب ڊالر کان وڌيڪ ملندا، جڏهن ته 1.3 ارب ڊالر جي آر ايس ايف تحت 20 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي پهرين قسط شامل آهي.