اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اجلاس دوران هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو آهي.اجلاس دوران ايوان ۾ ڪنهن ميمبر جا پيسا زمين تي ڪري پيا. اسپيڪر قومي اسمبلي اياز صادق پيسا ايوان ۾ لهرائيندي اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي ايوان ۾ اچڻ کان اڳ ڪنهن رڪن جا پيسا زمين تان مليا آهن. ان موقعي تي پيسا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ميمبرن هٿ مٿي کنيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته هي ته 12 ميمبر هٿ کڻڻ لڳا آهن، ان ڳالهه تي ايون ۾ ٽهڪڙا شروع ٿي ويا.