ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙن مٿان دهشت گردي قلم ڇو لڳايا؟ عدالت جي جاچ آفيسر کي ڇنڊ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي شاهراهه فيصل ايف ٽي سي وٽ پوليس طرفان پرامن ريلي کي روڪڻ بعد ڀڃ ڊاهه، لٺبازي ۽ گرفتارين بابت ڪيس ۾ دهشت گردي ٽوڙ عدالت گرفتار 12 نوجوانن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران جج جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو وڃي، پوليس کي شرم نه آيو آهي، هن جاچ آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته ايف آءِ آر پڙهو، عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي ۽ تنقيد ڪندي چيو ته سنڌي ٽوپي اجرڪ ڊي رمانڊ پيپر تي لکڻ ۾ شرم محسوس نه ٿيو؟ هي  144 جي ڀڃڪڙي آهي؟ اها ڪهڙي دهشت گردي آهي ۽ هتي دهشت گردي ڪٿان اچي وئي، جاچ آفيسر چيو ته مون اها شق ناهي لڳائي، فريادي پاڻ لڳائي آهي، جج چيو ته جنهن به اها شق لڳائي آهي اهو به جاهل آهي ۽ جنهن اها شق هتي آندي آهي اهو به جاهل آهي، پراسيڪيوٽر علي رضا چيو ته ريڊ زون ۾ سرڪاري ملڪن کي نقصان پهتو، جج پڇيو ته هي ريلي هر سال نڪري ٿي، ايئرپورٽ ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ڇا ٿيو؟ پراسڪيوٽر چيو ته رياست خلاف نعرا هنيا ويا، جج پڇيو ته نعرا ڪٿي آهن، صرف زباني ڳالهه نه ڪريو ۽ هي دهشت گردي ڪيئن ٿي؟ هي اوچتو واقعو لڳي ٿو، اي ٽي سي جي جج چيو ته جوابدارن جو گاڏين کي باهه لڳائڻ جو ارادو نه هو، پرامن ريلي مان نوجوانن کي گرفتار ڪري جعلي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، پوليس جي ايف آءِ آر به شڪي آهي ۽ جاچ آفيسر عدالت کي قائل نه ڪري سگهيو ته ڪو سنجيده نقصان ٿيو آهي، عدالت حڪم ڏنو ته جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو وڃي، ڇو ته جاچ آفيسر ڪٺ پتلي ناهي جيڪو صرف چيو ويندو اهو ئي ڪري، عدالت ۾ گرفتار ڪيل پيش ڪيل نوجوانن مٿان شاهراهه فيصل بلاڪ ڪرڻ، نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، رياست خلاف نعرا هڻڻ، پوليس موبائل، ريڊ بس ۽ ٻين گاڏين کي نقصان پهچائڻ جوا لزام لڳايو ويو.

جڊيشل مئجسٽريٽ طرفان 12 نوجوانن جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ سجاد علي جمالي جي عدالت ۾ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ريلي بعد ڇڪتاڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پوليس جوابدارن کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو.عدالت رمانڊ جي درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتوجيڪو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، اهي ثبوت ڏسڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو، عدالت ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي 12جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ، اڄ ٻيهر جوابدارن کي عدالت پيش ڪيو ويندو، عدالت چيو ته ڇا دهشتگردي جون شقون ختم ٿي ويون آهن؟ عدالت وڪيل کي هدايتون ڪيون ته باقي شقون پڻ ضمانت لائق آهن، توهان کي سيڪشن 324 سان مطمئن ٿيڻ گهرجي. وڪيل چيو ته واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو، ڪو به هٿيار هٿ نه آيو، عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته مون کي ڇا ٻڌائڻ چاهيو ٿا ؟ جاچ آفيسر چيو ته گذريل رات ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، مون کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، جاچ آفيسر چيو ته هڪ يا ٻن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن مان جاچ ڪري سگهان، عدالت جو جاچ آفيسر کان سوال ته توهان جا ڪيترا ٻار آهن؟ انسپيڪٽر ساجد پنهنجي جواب ۾ چيو ته منهنجا ٽي پٽ آهن، جج چيوته ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي پٽن بابت اهڙو سوچيو آهي، جاچ آفيسر چيو ته مون کي قانون به ڏسڻو آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته سيڪشن 324 ڇو لاڳو ڪئي وئي؟ ڇا ڪو زخمي ٿيو آهي، جاچ آفيسر چيو ته نه واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو، جاچ آفيسرعدالت ۾ واقعي جي يو ايس بي پيش ڪئي.

ايف ٽي سي ڇڪتاڻ واقعو، وڌيڪ 400 ماڻهن مٿان ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪڍيل ريلي بعد ڇڪتاڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس 400 ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو، پوليس موجب ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ريڊ زون ڏانهن شاهراهه فيصل جي ذريعي وڃڻ کان روڪڻ تي هنن ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو ۽ 45 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ جن مان 12 ڄڻن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، پوليس موجبه ريلي ۾ شريڪ نوجوانن اهلڪارن مٿان حملو ڪيو، جنهن تي پوليس لٺبازي ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو، ايف آءِ آر موجب هڪ ڪيس 12 گرفتار ٿيل ماڻهن ۽ 300 کان 400 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعات 147، 148، 149، 341، 144، 324 (قتل جي ڪوشش)، 186، 353، 427 ۽ دهشت گردي ايڪٽ جي شق 7 تحت داخل ڪيو ويو آهي،  فريادي انسپڪٽر عبدالمجيد ابڙو موجب هو ۽ ٻيا پوليس اهلڪار 2.30 وڳي کان ايف ٽي سي فلائي اوور ويجهو موجود هئا، جڏهن ته هڪ ريلي جنهن ۾ 300 کان 400 موٽر سائيڪل ۽ گاڏين ۾ سوار ماڻهو صدر طرف وڌي رهيا هئا، صوبي ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ سبب ريلين تي پابندي کي نظر ۾ رکندي، پوليس ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر نوجوانن ٻنهي طرفن کان شاهراهه فيصل بلاڪ ڪيو، پوليس مٿان پٿراءُ ڪري فائرنگ ڪري ڏني، هن موجب ريلي ۾ شريڪ نوجوانن گاڏين، ريسڪيو ايمبولينس، پوليس موبائل کي نقصان پهچايو ۽ رياست مخالف نعرا پڻ هنيا.

ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ويندڙ گهارو واسي نوجوان جي دهشت گردي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر

گهارو (ن ع آ)ڪراچي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ويندڙ گهارو واسي نوجوان مٿان صدر ٿاڻي تي دهشت گردي جي ايف آءِ آر داخل ڪري کيس کنڀي گم ڪيو ويو، گھارو واسي نوجوان سلمان ميمڻ ولد علي اڪبر ميمڻ، جيڪو ڪراچي ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ روانو ٿيو هو، کيس مبينا طور پوليس رستي مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جنهن سبب نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين ۾ شديد پريشاني ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي هئي، وارثن موجب نوجوان کي بنا ڪنهن سبب جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندس ڪو پتو نه پيو آهي، پوليس نوجوان سلمان ميمڻ کي ڪراچي جي صدر ٿاڻي تي داخل ڪيل دهشتگردي بابت ايف آئي آر ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

ثقافتي ريلي تان واپس ايندي ملير واسي نوجوان کنڀي گم، وارث پريشان

کوکراپار (ن ع آ) ملير جي علائقي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ واسي نوجوان ثقافتي ريلي تان واپس ايندي کنڀي گم 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگھيو وارثن پاران احتجاج، سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ جي رھواسي زوھيب حسن کي ثقافتي ريلي تان واپس ايندي پوليس ۽ سول ڪپڙا پھريل اھلڪارن کوکراپار جي علائقي سعود آباد مان انھي وقت کنڀي گم ڪري ڇڏيو جڏھن ھو ڪراچي پريس ڪلب کان پنھنجي گھر واپس اچي رھيا ھئا جنھن جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاران سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۾ احتجاج ڪري سندس آزادي جو مطالبو ڪيو، نوجوان زوھيب حسن جي پيءُ محمد بخش، امڙ بصران، گھر واري شبانا زوھيب، ڀيڻ نورجھان ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو اسان سنڌ واسين جي قومي عيد آھي جنھن تي اسان پنھنجن نوجوانن کي خوشي سان انھي ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندا آھيون، پٽ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

ايف ٽي سي وٽ نوجوان جي تذليل، پوليس اهلڪار معطل

ڪراچي (رپورٽر) شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ريلي بعد پوليس طرفان لٺبازي ۽ گرفتارين بعد سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ بي انچارج سب انسپيڪٽر ڪامران اشر کي معطل ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ثقافتي ريلي ۾ شامل سنڌي نوجوان کي سول ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪار اڻو وڻندڙ لفظ چيا، جنهن بعد معاملو وڌي ويو، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد بعد هاڻ ڊي آءِ بي انچارج سب انسپيڪٽر ڪامران اشرف کي فوري طور تي معطل ڪري هيڊڪوارٽر ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اهو انڪشاف هلي رهيو آهي ته ثقافتي ريلي ۾ شامل نوجوان کي اڻوڻندڙ لفظ چوندڙ شخص پوليس اهلڪار نه پر ڊي آءِ بي انچارج ڪامران اشر جو ماڻهو آهي ۽ هو اڳ به ڪيترن ئي شهرين کي بليڪ ميل ۽ ڀتا وٺندو رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ان شخص جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.