نون صوبن خلاف مزاحمت جو اعلان،آئين بحال ڪري سياسي قيدي آزاد ڪريو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو (ڊر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس سيد زين شاھ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پورهيت صدر پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سيد مسرور شاھ ، نيشنل پارٽي جي صدر تاج مري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي نواز خان زئور، جسقم آريسر اڳواڻ فتاح چنا، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي صدر پروفيسر آدم ٻٽ، سنڌ صوفي فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر بدر چنا،قومي عوامي تحريڪ جي امداد پنھور، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، حافظ بخش سهڙو، اديب دانشور ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ دوران سنڌ جي نوجوانن تي سنڌ پوليس رياستي تشدد، گرفتارين ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جو ذميوار پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار قرار ڏنو ويو، حڪومت جي حڪمن تي سنڌ جي ثقافتي جي قومي ڏينهن ملهائڻ کي روڪڻ لاءِ بغير جواز جي نوجوانن کي روڪي سندن مٿان وحشياڻي تشدد ۽ پوليس اهلڪارن جي طرفان گٿا لفظ استعمال ڪيا ويا جنهن جي سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي دل آزاري ٿي آهي، اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌي قوم کان معافي وٺي ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾چيو ويو ته  26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي ملڪ اندر آمريت مڙهي وئي آهي ۽ عدالتن کي ڪمزور ڪري سرڪاري عدالتن جي قيام کي عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن ذريعي ملڪ اندر انساني بنيادي حق ختم ڪري سياست تي بندش وڌي وئي آهي جيڪو عمل قابل ذڪر مذمت آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته آئين اندر 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم ختم ڪئي وڃي ۽ آئين کي پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ ملڪ اندر سياسي قيدين کي فوري طور تي انصاف فراهم ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ مورو واقعي ۾ بيگناھ گرفتار ٿيل قيدين مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته مجوزه 28هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ اندر قومي وحدتن جي جاگرافي کي ختم ڪري نوان صوبا ٺاهڻ يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ توڙي صوبن جا مالياتي اختيار وفاق حوالي ڪرڻ ۽ بلدياتي ادارن کي مرڪز حوالي ڪرڻ سميت صوبن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪرڻ جي هر ڪوشش خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي تازي پڌري ڪيل رپورٽ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ اندر بدترين ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو واضع ثبوت ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ ملڪ اندر قابض قوتن جنهن ۾ زرداري ۽ نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري قرار ڏنو ويو ۽ ان ڳالھ تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو ته هنن جي ڳٺ جوڙ سبب ملڪ اندر عدم استحڪام ۽ معاشي تباهي ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم جي خاتمي ۽ مجوزه 28هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي قبضي خلاف سنڌ ۾ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ قومي ڪانفرنسون ڪيون وينديون جنهن ۾ 27 ڊسمبر 2025 تي ڪراچي ۾، 2 جنوري 2026 تي حيدرآباد ۾، 8 جنوري 2026 تي لاڙڪاڻو ۾، 22 جنوري 2026 تي نوابشاھ ۾ رٿيون ويون آهن اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ قومي ڪانفرنسون ۽ اجتماع منعقد ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.