گلشن اقبال ۾ فليٽ مان 3 عورتن جا لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال ۾ حرمين رائل ريزيدنسي جي هڪ فليٽ مان 3 خواتين جا لاش مليا، جنهن جو اطلاع گهر ۾ موجود هڪ عورت جي پٽ طرفان پوليس کي ڏنو ويو. ان کان پوءِ پوليس، ڪرائم سين يونٽ ۽ لاڳاپيل آفيسر موقعو تي پهتا، ڇيپا ذريعن موجب لاشن ۽ هڪ متاثر شخص جي سڃاڻپ 52 سالن جي عورت ثمينه، 22 سالن جي ماها، 19 سالن جي ثمرين ۽ 30 سالن جي نوجوان ياسين طور ڪئي وئي آهي، جن مان ياسين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس موجب لاش ملندڙ عورتون پاڻ ۾ ويجهو رشتو رکن ٿيون، ايس ايس پي زبير نذير شيخ موجب هڪ عورت جو لاش ڪيترائي ڏينهن پراڻو لڳي ٿو جڏهن ته ٻيا ٻه لاش ڪجهه ڪلاڪ پراڻا لڳن ٿا، شروعاتي طور تي شڪ آهي ته عورتن جو موت ڪنهن زهريلي شيءَ کائڻ سبب ٿيو آهي، پر واقعي واري هنڌان اهڙا ثبوت ناهن مليا، ان ڪري حتمي نٿو ڪجهه ٻڌائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.