ڪرپشن جي جهان ۾ ملهائجندڙ ثقافت جو ڏهاڙو

ذوالفقار راڄپر

گذريل 10, 12 سالن کان هر سال جي ڊسمبر ۾ مختلف صحافتي ادارا مختلف نعرا کڻي سنڌي ٽوپي اجرڪ وارو ثقافت جو ڏڻ ملهائيندا آهن ،هن سال به سنڌي ٽي وي چينل ۽ اخبارون پنهنجن پنهنجن نعرن سميت اڄ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. روزاني عوامي آواز به هر سال پنهنجي وت ۽ وس آهر ان ڏڻ جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهندي آهي. هن سال روزاني عوامي آواز اڄوڪي سنڌي ثقافت ڏينهن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي خواب جي ساڀيان طور ملهائي رهي آهي. خبر ناهي ته ان خواب جي تعبير ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندي، پر سنڌ جي ثقافت واري خاص ڏينهن تي ان جا سوير اثر ضرور ظاهر ٿيندا. مون هڪ عورت کان پڇيو ته ڇا توهان ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٽوپي يا اجرڪ وٺي ڏنا آهن، ان جي جواب ۾ هن چيو ته هن جي بيمار ۽ ڪمزور ٻارن کي اجرڪ نه پر پيٽ ۾ لولو، ٽن بيمار ٻارن کي دوا ۽ ٿڌ ۾ گرم ڪپڙا، ڪمزور بيمار مڙس کي ڏهاڙي تي مزدوري گهرجي ۽ پتي ۾ پٿري پيل ڀيڻ جي سرڪاري هسپتال ۾ داخلا ۽ آپريشن ۽ پنج سال اڳ برساتن ۾ ڪريل ڪچي گهر يا ڪمري جي مرمت گهرجي، ان تي مون کائنس هڪ ٻيو سوال پڇيو ته حڪومت ته بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جا عورتن کي پئسا ۽ گهر ٺهرائي ڏئي رهي آهي. ان تي 8 ٻارن جي ڪمزور ۽ بي وس ماءُ ٻڌايو ته هن ڪيترائي دفعا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا فارم به ڀريا آهن، پر برساتن جي تباهي کان هن وقت تائين کيس هڪ رپيو نه مليو آهي، آفيسن جا ڌڪا کائي ٿڪجي ويهي رهي آهي، 4،5 سال اڳ ڊٿل گهر جا فوٽو ڪڍي فارم به ڀري ويا پر ڪمرو نه ٺهيو ڳوٺ جي چيئرمين کي جيڪي تنبو، ڪمبل ،ٻارن جا بسڪوٽ، گهر جا ٿانو مليا، اهي هن پنهنجن خوشحال مائٽن کي ڏنا، ڪمبل گهر جي ڍورن مٿان رکي ڇڏيا، ٻه سال اڳ ٻارن کي سرديءَ ۾ تڙپندي هڪ الله لوڪ انسان هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏنو، مڙس کي بيماري ڪري مزدوري نه ٿي ملي، جي ملي ٿي ته ڏهاڙي 6 يا ست سو روپيا ملي ٿي جنهن ۾ ٻه ويلا مهانگو اٽو به خريد ڪرڻ ممڪن نه آهي.

هڪ هاريءَ ٻڌايو ته هن کي هاري ڪارڊ لاءِ ڏوڪري جي زراعت کاتي ۾ چڪر هڻائي رهيا آهن ۽ هاري ڪارڊ شاهوڪار آبادگارن يا وڏيرن جي ماڻهن کي ملي رهيو آهي، هڪ محنتي هوشيار نينگري ٻڌايو ته هن سنڌ حڪومت جي ڪميشن جا امتحان پاس ڪيا پر ليڪچرار لاءِ 40 لک گهري رهيا هئا، پر هن جڏهن وفاقي ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ته کيس گهر ويٺي نوڪري ملي وئي. مان پاڻ هڪ  ڳالهه جو شاهد آهيان ته برساتن جي ڏينهن ۾ ڪراچي برساتي ڪئمپ مان واپس ڳوٺ موٽندڙ هڪ مائي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جو فارم ڀريندي مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽيندي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسرن تائين شڪايتون درخواستون موڪليندي به ان جي مدد نه ٿي سگهي، اول کيس مڙس سميت هندو نالي ۾ تبديلي ڪيو ويو ۽ سالن جي ڌڪن بعد سندس نالو ته درست ڪيو ويو پر سندس نالو ڪٽي ڇڏيو، ڇو ته هن شڪايتون لکي موڪليون هيون ۽ اهو سڄو ڪم اول اسلام آباد ۽ بعد ۾ ڪراچي بدلي ٿيل سنڌ حڪومت جي هڪ ملازم ۽ ڪيناڊا پاڪستان جي ٻيڻي شهريت رکندڙ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ شخص جي دور ۾ ٿيو، جيڪو هن وقت ان اداري ۾ وڏي ڪرپشن جي ڪيسن جي بدنامي ڪري معطل ٿيل آهي ۽ ڪيناڊا ۾ بيمار ٿيل ڌي تي لکين روپيا خرچ ڪندي ان جي صحت ۽ زندگيءَ جي دعائن جي اپيل ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي پگهار به کڻي سنڌي ثقافت جا نعرا به هڻي رهيو آهي،ڇو ته کيس شهيدن جي جمهوريت جي حمايت حاصل آهي.

ڪرپشن جي ان ماحول ۾ هن سميت ٻين آفيسرن ۽ ادارن جي ڪرپشن ڪري جيڪي لکين خاندان، ڊگريون رکندڙ نوجوان، مرد عورتون اڄ ڪهڙي خوشي سان ثقافت جو ڏينهن ملهائيندا، ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڪافي وڏن ادارن جي مالڪن، بيرو چيف عرف ڪمدارن جو هر سال ثقافت جو ڏينهن هڪ ٻيو فصل لڻڻ جو وقت هوندو آهي، جيڪي ان ڳالهه کان پاڻ کي بي خبر رکن ٿا.  ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مهينن کان احتجاجي ڪئمپ ۾ ٻارن سميت ويٺا آهن، جن جي  ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪو حڪومت جو نمائندو نه ٿو اچي، جن جا ننڍڙا ٻار اسڪول وڃڻ بدران ڪلب جي آس پاس گند جي ڍيرن تان ڪاغذ ۽ لوهه گڏ ڪري بيمار ماءُ جي دوا وٺن ٿا، جن کي  ڪو ڪامورو يا خوشحال مرد يا عورت سرديءَ جا گرم ڪپڙا به نه ٿو ڏئي وڃي،نه کين ڪلب ٻاهران ثقافت جي ڌمال هڻائيندڙ کين اجرڪ يا ماني ڏيندو، پريا ڪماري جي ماءُ جي اکين جا ڳوڙها ته خشڪ نه ٿيا پر ان جو هڪ جوابدار ويل چيئر تي قومي اسيمبليءَ ۾ آيو. ڪرپشن سڄي ملڪ جو مسئلو هوندو.

ان ماحول ۾ شايد هڪ ڏينهن اهو ثقافتي ڏينهن ڪرپشن ڪندڙن، فردن پارٽين مٿان شامت جي روپ نروار ٿي اڀري سگهي ٿو، ان حوالي سان روزاني عوامي آواز جو هن سال جي ثقافتي ڏهاڙي تي ڪرپشن خلاف نعرو اڄ موسيقي جي بلند آوازن، ڪوڙن ٽهڪن مان پار ٿي پنهنجي جاءِ ولاريندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.