اسان چاهيون ٿا ته اخباري صنعت ترقي ڪري:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر  وزير ۽ اطلاعات ، ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڳ ۾  صبح جي شروعات اخبار سان ٿيندي هئي پر هاڻي رجحان تبديل ٿي رهيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اخباري صنعت ترقي ڪري، سوشل ميڊيا تي اڪثر خبرون غلط ۽ جعلي هونديون آهن، اخبار هڪ مستند دستاويز آهي.سي پي اين اي جي اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽي وي تي بريڪنگ (خبرون) جي ڊوڙ لڳل هوندي آهي، دنيا جي سڄي پرنٽ ميڊيا کي هن وقت سخت مشڪلاتن جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا اخبارن کي ٽف ٽائم ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اخبارن کي مضبوط ڪريون. هن  چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ميڊيا ترقي ڪري ۽ اڳتي وڌي، هڪ سٺي جمهوريت ميڊيا جي آزادي سان ئي ڪامياب ٿيندي آهي، ڪجهه دورن ۾ پيپلز پارٽي بدترين ميڊيا ٽرائل جو شڪار رهي آهي، تنهن هوندي به، پيپلز پارٽي مشڪل دورن ۾ ميڊيا سان گڏ بيٺل رهي آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به انتقام يا بدلي جي سياست ناهي ڪئي.هن چيو ته هر دور ۾ اينڪرز کي آف (هٽايو) ڪرايو ويندو رهيو، مختلف پارٽين جون حڪومتون اينديون هيون ته چونديون هيون ته فلاڻي اينڪر کي هٽايو، پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن ميڊيا هائوس کي صحافي هٽائڻ جو نه چيو، پي پي پي جو وڪٽمائيزيشن (ظلم جو شڪار ڪرڻ) جو ڪڏهن به مائينڊ سيٽ نه رهيو آهي، صدر آصف علي زرداري هميشه صبر  ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو،هن چيو ته اسان گڏجي سٺي صحافت کي اڳتي کڻي اينداسين، اسان وٽ ڊوڙ ۾ ملڪ خلاف خبرون به هلي وينديون آهن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڏوهه تمام گهڻا ٿيندا آهن پر اتي اهڙيون خبرون ناهن هلنديون.هن چيو ته اسان کي پاڪستان پنهنجي جان کان وڌيڪ پيارو آهي، هميشه ناڪاري (منفي) خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، ميڊيا کي خوبين کي به اجاگر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ميڊيا دوست رهي آهي.حڪومت باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن سان ملاقات ڪرائي، قيدي جي ذاتي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان اخلاق کان ڪريل ڳالهيون شيئر ڪيون ويون، پي ٽي آءِ جي قيادت ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ملڪ کي تڪراري بڻائي رهي آهي، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏئي ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پارٽي سان ماضي ۾ جيڪو ٿيو اهو ڪنهن ٻئي پارٽي سان نه ٿيو، قائد عوام کي شهيد ڪيو ويو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ڪجهه سياسي پارٽين جي قيادت جيل وئي ته سندن بيان بدلجي ويا، پيپلز پارٽي ڪڏهن به پنهنجو بيان نه بدلايو ۽ نه ئي ڪڏهن ملڪي ادارن خلاف ڳالهه ڪئي، هن  چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس درست هئي، پرڏيهه مان سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪئي وئي، هي ماڻهو پرڏيهه مان ٽوئيٽ ڪندا آهن، هي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام سازش آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.