اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي ٻاهر وڃڻ تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي. ذريعن مطابق اهم سياسي اڳواڻن جا نالا ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وجهڻ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي. باني پي ٽي آءِ عمران خان، شاه محمود قريشي، عمرايوب، فواد چوڌري، شبلي فراز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ اڳوڻو وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، شهريار آفريدي، عثمان ڊار جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. حڪومت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري، زرتاج گل، مسرت چيما ۽ ڪنول شوزب جا نالا به اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته شيخ رشيد، شيخ راشد ۽ ميجر ريٽائرڊ طاهر صادق جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي.