اسلام آباد(امتياز گل)اداري جي ترجمان ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هو سياست ۾ دلچسپي نٿا رکن ۽ اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي. پر گڏوگڏ هن نالو وٺڻ کان بغير عمران خان کي ذهني مريض قرار ڏنو، اهو بيان ڪيترن ماڻهن ۾ بحث جو سبب بڻيو، ڇو ته هڪ طرف اهو چيو ويو ته اسان سياست سان لاڳاپو نه رکون ٿا، پر پوري ڏيڍ ڪلاڪ جي پريس ڪانفرنس هڪ ئي شخص تي مرڪوز هئي، ۽ اهو ئي موضوع شام جي ٽي ڪيترائي تجزئي نگار چون ٿا ته اها پريس ڪانفرنس ڪرڻي ئي نه هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عمران خان جو بيانيو رياست مخالف آهي، ته رياست جي وزيرن کي پاڻ مقابلو ڪرڻ گهرجي ها، فوج جو احترام لازمي آهي، پر فوج کي سياست ۾ حد کان وڌيڪ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي ذهني بيمار قرار ڏيڻ،گهٽ وڌ ڳالهائڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا غير منطقي الزام لڳائڻ ادارن جي وقار کي وڌائڻ بدران گھٽائي ٿو
حيدرآباد ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ اڌڙوٽ شخص فوت
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ تيز رفتاري سبب ڊمپر جو ٻن رڪشائن کي ٽڪر، نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻڌايو وڃي ٿو ته ڊمپر جي ٽڪر ۾ 50 سالن جو نوابشاھ واسي غلام رسول فوت ٿي ويو، جڏھن اصغر، رمشاد ۽ محمد علي زخمي ٿي پيا، زخمين مان ھڪ ڄڻي جي / حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڊمپر جو ڊرائيور پوليس جي موجودگي ۾ فرار ٿي ويو، رڪشا مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا، علائقي واسين ۽ رڪشا ڊرائيورن گدو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته واقعي ۾ ملوث ڊمپر جي ڊرائيور کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڊمپر مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.