راولپنڊي (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ٽن صوبن کي ان جو حق ڏنو پيو وڃي پر افسوس ته اسان جو صوبو محروم آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بئرسٽر گوهر جي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ملاقات اڳ ۾ ٿي چڪي هجي ها ۽ باني پي ٽي آءِ به هڪ مهينو تنهائي ۾ رهي ها، اڊيالا جيل جي ويجهو ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ميٽنگ کان پوءِ هتي آيو آهيان ۽ ميٽنگ ۾ پنهنجي ڳالهه رکي آهي، 25 هين ترميم کان پوءِ قبائلي ضلعا خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيا ويا، پر انهن کي انهن جو حصو نه ڏنو پيو وڃي، جنهن کي غير آئيني قرار ڏنو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون، انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، پر بدقسمتي سان اسان جو حق نه ڏنو ويو، پر هاڻي يقين ڏياريو ويو آهي ته اسان جو حق ڏنو ويندو، باني پي ٽي آءِ اسان جي دل ۾ آهن، دهشت گردن کي خيبرپختونخوا حڪومت سهولت فراهم نه پئي ڪري، پر اهي ڪري رهيا آهن جن افغاني ڏوهارين جا اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرايا، پهريان گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان هئا، هاڻي گڊ افغاني ۽ بيڊ افغاني آهن، جرائم پيشه ماڻهن کي پارليامينٽ جو حصو بڻايو پيو وڃي، عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا آيل ڪي پي جو وڏو وزير بغير ملاقات واپس موٽي ويو، عمران خان سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شفيع جان چيو ته اسان عدالتي حڪم موجب هتي ايندا آهيون، پر ملاقات ناهي ٿيندي، اسان 7 ڊسمبر تي پشاور ۾ جلسو ڪنداسين ۽ ان ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين، وزيراعليٰ نائون ڀيرو ملاقات لاءِ آيو پر ملاقات نه ڪرائي وئي.