سنڌ ۾ ڊينگي تي ڪنٽرول نه ٿيو، هڪ ڄڻو فوت،173 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن جي تعداد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ  سنڌ پنهنجي روزاني رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته صوبي جي مختلف اسپتالن ۾ ڊينگي جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن۔ رپورٽ موجب سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 21 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 25 وڌيڪ مريضن جي نشاندهي ٿي۔ هن ريت صوبي ۾ ڊينگي جا ڪُل داخل مريض 48 ٿي ويا آهن۔ ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 15 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 2 نوان مريض داخل ٿيا،جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب هڪ فوتگي رپورٽ ٿي آهي۔ ڊينگي جي تشخيص لاءِ سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ 1984 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 173 ماڻهن جا نتيجا هاڪاري آيا۔ ڪراچي ۾ ليبارٽرين مان سڀ کان وڌيڪ 117 هاڪاري ڪيس رڪارڊ ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 56 هاڪاري ڪيس سامهون آيا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.